بالي ووڊ جي ناليواري اداڪار راني مکرجي سوشل ميڊيا کان پري رهڻ جو سبب ٻڌائي ڇڏيو.
راني مکرجي پنهنجي هڪ انٽرويو ۾ ٻڌايو ته سوشل ميڊيا ڪنهن به فرد تي گهڻو دٻاءُ وجهي ٿو ۽ ان کي روزاني جي بنياد تي برقرار رکڻ جي ضرورت هوندي آهي ۽ هوءَ اهي ٻئي ڪم نه ٿي ڪري سگهي.
هن چيو ته هر ماڻهو جي ذاتي چونڊ هوندي آهي ته هو دٻاءَ ۾ رهڻ چاهي ٿو يا نه، سڀ چوندا آهن ته سوشل ميڊيا استعمال ڪرڻ گهرجي پر هوءَ پنهنجي فيصلي کي برقرار رکندي پئي اچي، کيس خبر آهي ته هوءَ اهو ڪم نه ٿي ڪري سگهي ته ان ۾ هٿ ڇو وجهي.
اداڪارا راني مکرجي چيو ته ڌيءُ آديرا چوپڙا جي سامهون هوءَ ۽ سندس مڙس آدتيه چوپڙا فلمن جي ڳالهه نه ڪندا آهن.
راني مکرجي چيو ته نئين رليز ٿيل فلم مسز چٽر جي ورسز ناروي ۾ شاندار اداڪاري سبب سڄي دنيا ۾ پذيرائي ملي رهي آهي…..