رمضان کان پهرين واري آخري آچر تي مهانگائي بازارن جو رخ ڪندڙن جو هوش اُڏائي ڇڏيو.
سڄي مُلڪ ۾ کائڻ پيئڻ جي شين جون قيمتون آسمان سان ڳالهيون ڪري رهيون آهن شهرين جي شڪايت آهي سرڪار جنهن شئي تي 10 رُپيا ٿي وڌائي ته منافع خور ان شئي تي 20 ۽ 30 رُپيا واڌو وصول ڪري رهيا آهن.
شهرين جو چوڻ آهي ته ڪٿي به ڪو به چيڪ اينڊ بيلنس جو نظام موجود ناهي عوام کي وڌيڪ پريشان ڪرڻ وارن منافع خورن کي ڪنٽرول ڪيو وڃي.