رمضان کان پهرين ئي مهانگائي وڌيڪ وڌي وئي، 1 ڏهائي 37 سيڪڙو واڌ سان مجموعي شرح 42 ڏهائي 27 سيڪڙو تائين پهچي وئي آهي.
بيورو آف اسٽيٽسٽڪس پنهنجي هفتي وار رپورٽ ۾ چيو آهي ته هڪ هفتي دوران 29 ضرورت جون شيون مهانگيون ٿيون هن هفتي کنڊ جي قيمت 5 رُپيا 35 پئسا هڪ ڪلو ۾ واڌ ٿي آهي.
رپورٽ جي مطابق صرف هڪ هفتي جي دوران ٽماٽا 5 رُپيا 46 پئسا في ڪلو پٽاٽا 5 رُپيا 10 پئسا ۽ بصر 12 رُپيا 32 پئسا وڌيڪ مهانگا ٿي ويا.
ان کان علاوه 20 ڪلو اٽي جي ٿيلهي 69 رُپيا 19 پئسا مهانگي ٿي ڪري 1774 رُپين تائين پهچي وئي، اڍائي ڪلو گيهه جو ڪاٽن 59 رُپيا 80 پئسا مهانگو ٿيو ڏهي 3 رُپيا 44 پئسا کير 2 رُپيا 84 پئسا في لٽر مهانگو ٿيو.
جڏهن ته دال چانور بيف چانهه ۽ لوڻ جي قيمتن ۾ پڻ واڌ رڪارڊ ڪئي وئي آهي.