روسي جهاز جي آمريڪي ڊرون سان ٽڪرائجڻ جي وڊيو سامهون اچي وئي آهي.
14مارچ تي روسي ويڙھاڪ جھاز سان امريڪي ڊرون ٽڪرائڻ بعد ڪري تباھھ ٿي ويو ھو، جڏھن تھ آمريڪي بچاءَ واري کاتي پينٽاگون واقعي جي وڊيو جاري ڪري ڇڏي.
پينٽاگون موجب، روسي ويڙھاڪ جھاز عالمي ھوائي حدن ۾ غيرمحفوظ انداز سان ايس يو 27 کي روڪيو، جڏھن تھ روس جو چوڻ آھي تھ ويڙھاڪ جھاز بدران ڊرون پاڻ تيز حرڪت سبب ڪري تباھھ ٿيو آھي.
جاري ڪيل وڊيو ۾ روسي ويڙھاڪ جھاز کي ڊرون جي مٿان ويندي ڏسي سگھجي ٿو.
ان وڊيو کي جاري ڪرڻ کان اڳ امريڪا ۽ روس جي دفاع وارن وزيرن ۾ ٽيلي فون تي رابطو ٿيو جنھن دوران ان واقعي تي ڳالھھ ٻولھھ ٿي ھئي.