يوڪرين جي صدر ولاديمير زيلنسڪي ڪريملن تي يوڪريني ڊرون حملي جا روسي الزام رد ڪري ڇڏيا.
يوڪرين جي صدر ولاديمير زيلنسڪي جو چوڻ آهي ته روسي صدر پيوٽن يا ماسڪو تي حملو ناهي ڪيو، هو پنهنجي زمين تي جنگ وڙهي رهيا آهن.
پرڏيهي ميڊيا جي رپورٽس موجب روس يوڪرين جي طرفان ڪريملن تي ڊرون حملي جي دعويٰ ڪندي صدارتي محل تي ڊرون حملي کي صدر پيوٽن کي مارڻ جي ڪوشش قرار ڏني هئي.
سوشل ميڊيا تي وائرل وڊيوز ۾ ڪريملن جي مٿان هڪ ڊرون کي تباهه ٿيندي ڏسي سگهجي ٿو.
ريملن جي طرفان جاري ڪيل بيان ۾ چيو ويو هو ته يوڪرين جي ٻن ڊرون کي ڪيرايو ويو، يوڪرين جو ڊرون حملو صدر پيوٽن کي مارڻ جي ڪوشش آهي.