آءِ پي ايل ۾ ممبئي انڊينز جي ڪپتان روهت شرما جي گرائونڊ ۾ پنهنجي زال سان وڊيو ڪال وائرل ٿي وئي آهي.
گذريل ڏينهن آءِ پي ايل ۾ ممبئي انڊينز ۽ دهلي ڪيپيٽلز وچ ۾ سنسني خيز مقابلو ٿيو جنهن ۾ دهلي ڪيپيٽلز پهريان بيٽنگ ڪندي 19.4 اوورن ۾ 172 رنسن تي آل آئوٽ ٿي وئي.
جواب ۾ ممبئي انڊينز حدف آخري بال تي حاصل ڪري ڪاميابي ماڻي، مئچ ۾ روهت شرما کي 45 بالن تي 65 رنسون ٺاهڻ تي مين آف جي ميچ قرار ڏنو ويو .
مقابلي بعد گرائونڊ ۾ روهت شرما پنهنجي گهرواري ريتيڪا سان وڊيو ڪال تي ڳالهه ٻولهه ڪئي، سندس گهرواري چيو ته ڌيءُ سمائرا مين آف دي ميچ جي ٽرافي ڏسي خوش ٿيندي جنهن تي روهت شرما چيو ته هوءَ بيٽنگ ڏسي خوش نه ٿي؟
روهت شرما چيو ته هو اها ٽرافي ان لاءِ آڻيندو، ريتيڪا چيو ته هن پنهنجي ڪمري ۾ ميچ ڏٺي، هوءَ رڙيون ڪري رهي هئي ۽ سندس آواز بلڪل بند ٿي چڪو آهي.
روهت شرما چيو ته آخري اوور ۾ هو اندر هليو ويو هو، هن هٿن جا ننهن کائي کائي تقريبن ختم ڪري ڇڏيا ، آءِ پي ايل جي 15 سالن ۾ هن اهڙي قسم جي راند تمام گهڻي گهٽ ڏٺي آهي.