نگران وزيراعظم انوار الحق ڪاڪڙ چيو آهي ته رياست خلاف ناڪاري پروپيگنڊ جي منظم مهم هلائي پئي وڃي، هاڪاري بحث کي هٿي ڏيڻ ۾ اخبارن جو اهم ڪردار آهي، تيل جي سمگلنگ سان ملڪي معيشت کي نقصان پهچندو رهيو هو، بجلي جي چوري روڪڻ لاءِ ملڪ ۾ قدم کنيا پيا وڃن، آءِ ايم ايف سمگلنگ ۽ ڊالر جي غير قانوني خريد توڙي وڪري کي روڪڻ وارن قدمن جي واکاڻ ڪئي آهي.
انوار الحق ڪاڪڙ سان ڪائونسل آف پاڪستان نيوز پيپر ايڊيٽرز جي وفد صدر ارشاد عارف جي اڳواڻيءَ ۾ ملاقات ڪئي.
ملاقات سي پي اين ايِ جي وفد وزيراعظم کي اخبارن کي آڏو مسئلن بابت وزيراعظم کي آگاهي ڏني.
ان موقعي تي نگران وزيراعظم چيو ته رياست خلاف ناڪاري پروپيگنڊ جي منظم مهم هلائي پئي وڃي، هاڪاري بحث کي هٿي ڏيڻ ۾ اخبارن جو اهم ڪردار آهي.
هن چيو ته سندس آمريڪي دوري بابت ڪوڙيون خبرون ۽ بنا جواز تنقيد جي منظم مهم هلائي وئي.
نگران وز يراعظم چيو ته آمريڪا ۾ موسمياتي تبديلي جي ثقافتي پاسي کي قرآن پاڪ جو حوالو ڏئي دنيا آڏو پيش ڪيو.
هن چيو ته تيل جي سمگلنگ سان ملڪي معيشت کي نقصان پهچندو رهيو هو، بجلي جي چوري روڪڻ لاءِ ملڪ ۾ قدم کنيا پيا وڃن.
انوار الحق ڪاڪڙ چيو ته آءِ ايم ايف سمگلنگ ۽ ڊالر جي غير قانوني خريد توڙي وڪري کي روڪڻ وارن قدمن جي واکاڻ ڪئي آهي.
نگران وزيراعظم چيو ته خساري جو شڪار ادارن کي خانگائڻ وارو عمل شفاف نموني جاري آهي، خانگي شعبي ۾ شموليت سان هاڪاري ڪاروبار وڌندو ۽ عوام کي بهترين سهولتون فراهم ٿينديون.
انوار الحق ڪاڪڙ چيو ته فلسطين ۾ اسرائيل ظلم، ظالم اسرائيل ۽ مظلوم فلسطينين جي جنگ آهي، پاڪستان مظلوم فسلطينين سان گڏ بيٺل آهي.