وفاقي وزير شازيا مري چيو آهي ته رڳو پنجاب ۾ وقت کان اڳ چونڊون ملڪ جي وحدت کي خطري ۾ وجهڻ برابر آهي، تخت لاهور لاءِ وفاق کي تختا مشن بڻائڻ جا خراب اثر پوندا.
جاري ڪيل بيان ۾ شازيا مري چيو ته پنجاب اسيمبلي هڪ شخص جي انا خاطر ٽوڙي وئي، اسيمبلي کي پنهنجو مينڊيٽ پورو نه ڪرڻ ڏيڻ غير جمهوري عمل آهي.
هن چيو ته پنجاب ۾ شڪست بعد عمران خان چونڊ نتيجا تسليم نه ڪندو، عمران نيازيءَ لاءِ پرڏيهي جي پريشاني به سواليا نشان آهي.
شازيا مري چيو ته اتحادي حڪومت عمران نيازيءَ جون وڇايل بارودي سرنگهون صاف ڪري رهي آهي.
وفاقي وزير چيو ته سڄي ملڪ ۾ هڪ ئي ڏينهن چونڊون ڪرائڻ سان استحڪام ايندو.