آءِ جي پنجاب ڊاڪٽر عثمان انور چيو آهي ته زمان پارڪ آپريشن قانوني ڪارروائي هئي، جنهن کي پورو ڪيو ويو، عدالتي حڪم موجب جديد ٽيڪنالاجي استعمال ڪندي سرچ آپريشن ڪيو، پوليس هڪ به گولي نه هلائي، پوليس تي پٿرن جي برسات ڪئي وئي، هو خاطري ٿو ڪرائي ته گرفتار ماڻهن سان ڪا به زيادتي نه ٿيندي.
اطلاعات واري نگران صوبائي وزير عامر مير سان گڏ پريس ڪانفرنس ڪندي آءِ جي پنجاب چيو ته عدالت جاچ عمل روڪڻ جو حڪم ناهي ڏنو، ان تي ٿورائتا آهن، زمان پارڪ آپريشن ۾ ليڊي پوليس اهلڪار ساڻن گڏ هيون.
هن چيو ته منجهد زمان پارڪ جا سرچ وارنٽ حاصل ڪيا، جنهن دوران پي ٽي آءِ قيادت سان ڳالهيون به ڪيون ويون، آپريشن دوران پوليس تي پئٽرول بم اڇلايا ويا، زمان پارڪ ۾ غليلون به مليون آهن.
آءِ جي پنجاب چيو ته زمان پارڪ ۾ بنڪر ٺهيل آهن، ڊي آءِ جي آپريشنز ۽ ڊي آءِ جي انويسٽيگيشن جي قيادت ۾ پوليس ٽيم سرچ آپريشن ڪيو، هنن هڪ به گولي نه هلائي، پوليس تي پٿرن جي برسات ڪئي وئي.
ڊاڪٽر عثمان انور چيو ته زمان پارڪ مان پئٽرول بم جو سامان هٿ ڪيو ويو، ڏٺو ويندو ته هٿ آيل هٿيار لائسنس وارا آهن يا نه؟جنهن ڪجهه به ناهي ڪيو ان تي ڪيس داخل نه ٿيندو، قانون موجب نفري زمان پارڪ ۾ رکي ويندي.
آءِ جي پنجاب چيو ته گرفتار ماڻهن کي اي ٽي سي ۾ پيش ڪيو ويندو، هو خاطري ٿو ڪرائي ته گرفتار ماڻهن سان ڪا به زيادتي نه ٿيندي، ڪنهن بي ڏوهيءَ کي گرفتار ناهي ڪيو ويو، هو سياسي عمل تي يقين رکن ٿا.
ڊاڪٽر عثمان انور چيو ته چيو پئي ويو ته پوليس ۽ رينجرز خالي نه ٿا ڪرائي سگهن، پوءِ سوال اهو آهي ته نوگو ايرياز کي خالي ڪير ڪرائيندو؟ هو عدالتن ۽ اليڪشن ڪميشن جي ماتحت آهن، قانون موجب آءِ جي پنجاب ۽ سي سي پي او گولا هلائڻ جو حڪم ڏئي سگهي ٿو پر هنن ائين ڪيو.