وفاقي گهرو وزير راڻا ثناءُ الله چيو آهي ته زمان پارڪ واقعي کانپوءِ تحريڪ انصاف دهشتگرد تنظيم ثابت ٿي آهي، عمران خان جي رهائشگاهه جي ٻاهرين حصي ۾ ڪارروائي دوران شڪي ماڻهو گرفتار ٿيا، عمران خان ڪارڪنن کي جيل ڀريو تحريڪ جي هدايت ڪندي پاڻ جيل کان بچايو تحريڪ هلائي لڪي ويو، سندس گهر جي اندرين حصي ۾ خطرناڪ مواد موجود هئڻ جو خدشو آهي.
لاهور ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي رانا ثناءُ الله چيو ته زمان پارڪ مان ڪلاشنڪوف، پئٽرول بم ٺاهڻ جو سامان ۽ گليليون هٿ ڪيون ويون آهن، قوم کي ڏسڻ گهرجي ته وزيراعظم هئڻ جي دعويدار شخص جو ڪردار ڪهڙو آهي.
هن چيو ته زمان پارڪ واقعي کانپوءِ تحريڪ انصاف دهشتگرد تنظيم ثابت ٿي آهي، عمران خان جي رهائشگاهه جي ٻاهرين حصي ۾ ڪارروائي دوران شڪي ماڻهو گرفتار ٿيا.
راڻا ثناءُ الله چيو ته عدليا جو احترام ضروري آهي، عمران خان جي غنڊا گردي ختم ٿيڻ گهرجي.
گهرو وزير چيو ته زمان پارڪ مان جيڪي ثبوت مليا آهن، اهي ڪنهن پارٽيءَ کي ڪالعدم قرار ڏيڻ لاءِ ڪافي آهي.
راڻا ثناءُ الله چيو ته گرفتار ٿيل 65 ڄڻن مان اڪثر جو تعلق پنجاب سان ناهي، عوام عمران خان جهڙي شخص کي ووٽ جي طاقت سان مائنس ڪري.