سانگهڙ ويجهو مري برادري جي ٻن ڌرين ۾ جهيڙي دوران پيرسن مارجي ويو ۽ ھڪ زخمي ٿي پيو.
لوهارڙو ۾ مري برادري جي ٻن ڌرين ۾ پراڻي تڪرار تان جهيڙو ٿي پيو.
جهيڙي دوران فوت ٿيل 60 ورهين جاويد مري مارجي ويو ۽ ذڪريا مري زخمي ٿي ويو.
جهيڙي بعد مارجي ويل جو مڙهه ۽ زخمي کي سول اسپتال سانگهڙ منتقل ڪيو ويو.
جهيڙي دوران مارجي ويل جي وارثن طرفان سول اسپتال سانگهڙ آڏو احتجاج ڪيو ويو. هنن ايس ايس پي سانگهڙ ۽ ٻين کان مطالبو ڪيو ته واقعي جو نوٽيس وٺي جوابدار گرفتار ڪري ساڻن انصاف ڪيو وڃي.