سنڌ سانگھڙ ۾ پ پ رڪارڊ ڪم ڪرايا آھن: شازيا مري Sindh TV News - جنوري 27, 2024 0 سانگهڙ جي اين اي 209 پ پ اميدوار شازيا مري چيو آهي ته سانگھڙ ۾ پ پ رڪارڊ ڪم ڪرايا آھن. سانگهڙ جي ڳوٺ شھيد گل محمد مري پ پ جي عوامي ميڙاڪي کي خطاب ڪندي شازيا مري چيو ته سانگهڙ ۾ جڏهن کان پ پ پنھنجو پير ڄمايو آھي مخالفن جون ننڊو حرام آھن. هن چيو ته مخالفن ستر سالن ۾ سانگھڙ ضلعي ۾ ڪهڙو ڪم ڪيو آهي، ضلعي ۾ پ پ جي پوزيشن مضبوط آھي جيڪو آواز پ پ جي چيئرمين بلاول اٿاريو آھي اھو آواز عوام جو آھي ھاڻ وقت پري ناھي ملڪ وزيراعظم بلاول ڀٽو زرداري ھوندو. سندس چوڻ هو ته پ پ ۾ تيزي سان عوامي شموليت ٿي رهي آهي، هو ٻيهر ڪامياب ٿي عوام جي خدمت ڪندا.