سجاول ويجهو مبينا طور اغوا ڪرڻ بعد قتل ڪيل نينگري مهراڻ جو لاش هٿ ڪيو ويو، پوليس لاش کڻائي اسپتال منتقل ڪري ڇڏيو.
ڳوٺ ٽِماڻي ويجهو تلاءَ ۾ نينگري جو لاش ڏسي علائقي واسين پوليس کي اطلاع ڏنو .
پوليس واقعي واري هنڌ پهچي نينگري جو لاش پاڻي مان ڪڍي اسپتال منتقل ڪيو، جتان پوسٽ مارٽم ڪرائڻ بعد مڙهه وارثن حوالي ڪيو ويو.
واضح رهي ته گذريل ڏينهن 14 ورهين جي نينگري مهراڻ کي مبينا طور اغوا بعد قتل ڪيو ويو هو..