سرهاڙي ۾ پوليس جي وردي پهري نوجوان پاران دڪاندارن کان ڀتو وٺڻ جي وڊيو سوشل ميڊيا تي وائرل ٿي وئي آهي.
سي سي ٽي فوٽيجز ۾ سرھاڙي پوليس اھلڪار جي وردي پهريل هڪ نوجوان شهر ۾ مختلف جاين تان ڀتو وٺندي نظر اچي رهيو آهي.
ذريعن جو چوڻ آهي ته سرهاڙي ٿاڻي جي پوليس اهلڪار پنهنجي وردي هڪ پرائيوٽ ماڻهو وارث پنجابي کي ڏئي ڇڏي آهي، جيڪو دڪانن تان ڀتو وٺي ٿو.
شهر جي سڄاڻ ڌرين ڊي آءِ جي شهيد بينظيرآباد ايس ايس پي سانگهڙ کان مطالبو ڪيو آهي ته پوليس اهلڪار سندس وردي استعمال ڪندڙ خلاف ڪارروائي ڪري کين سخت سزا ڏني وڃي.