ميرپورخاص ضلعي جي سرڪاري اسڪولن ۾ 50سيڪڙو ڪتاب نھ ملڻ سبب ٻارن جي پڙھائي متاثر ٿي رهي آهي.
ميرپورخاص تعلقي جي ميل ۽ فيميل اسڪولن ۾ 20 هزار 7 سئو 79 ڪتابن جي گهرج آھي، جنھن مان رڳو 7 هزار 8 سو 72 ڪتاب ملي سگھيا آهن.
ميرپورخاص جي تعلقي حسين بخش مري جي ٽي اِي او آفيس طرفان سمورن پرائمري اسڪولن لاءِ 14 هزار 84 ڪتابن جي گهر ڪئي وئي جنهن مان 12 هزار 3 سو 62 ڪتاب ملي سگهيا آهن.
سنڌڙي تعلقي جي ميل ۽ فيميل پرائمري اسڪولن ۾ 73 هزار 3 سو 15 ڪتابن جي گهر ڪئي وئي، جنهن مان 50 هزار 3 ڪتاب مليا.
شجاع آباد تعلقي جي ميل ۽ فيميل اسڪولن لاءِ 29 هزار 7 سو 54 ڪتابن جي گھرج ھئي، جنهن مان 20 هزار 4 سو 70 ڪتاب ملي سگهيا آهن.
ڊگهڙي تعلقي جي ميل ۽ فيميل اسڪولن ۾ 35 هزار 3 سو 42 ڪتابن جي گهر ڪئي وئي جنهن مان رڳو 16 هزار 2 سو 85 ڪتاب فراھم ڪيا ويا.
جهڏي تعلقي جي پرائمري اسڪولن ۾ داخلائن موجب شاگردن لاءِ 28 هزار 3 سو 65 ڪتابن جي گهر ڪئي وئي، جنهن مان 14 هزار 4 سو 87 ڪتاب مليا.
ڪوٽ غلام محمد تعلقي جي ميل ۽ فيميل پرائمري اسڪولن ۾ 90 هزار 9 سئو 82 ڪتابن جي گھرج ھئي، جنهن مان رڳو 33هزار 2 سو 30 ڪتاب مليا.
ميرپورخاص ضلعي ۾ مجموعي طور پرائمري اسڪولن لاءِ 2 لک 92 هزار 5 سئو 81 ڪتابن جي گهر ڪئي وئي هئي، جنهن مان 1 لک 46 هزار 83 ڪتاب ڏنا ويا آهن، جڏهن ته هڪ لک 46 هزار 4 سو 48 ڪتابن جي کوٽ آهي.
ميرپورخاص ضلعي اندر ڇھين کان 10 ڪلاس تائين انگلش ميڊيم لاءِ گھربل ڪتاب توڙي انگلش سبجيڪٽ اسلاميات، اردو ۽ نان مسلم شاگردن کي پڙھائي ويندڙ اخلاقيات جا ڪتاب مڪمل طور ناھن ملي سگھيا.
ڊي اِي او پرائمري نبي بخش گرگيج چيو ته ميرپورخاص ضلعي اندر ڪتابن جي کوٽ آھي ۽ اها سنڌ ٽيسڪٽ بڪ بورڊ وارن جي ڪوتاهي جي ڪري ٿي آھي. هن چيو ته تعليم کاتي سنڌ جي سيڪريٽري کي آگاھي ڏني وئي آھي، اميد تھ جلد ڪتاب ڏنا ويندا.