پئٽروليم واري مملڪتي وزير مصدق ملڪ چيو آهي ته سستي تيل لاءِ روس سان ڪمرشل ڊيل آخري مرحلن ۾ آهي، جلد فائنل ٿي ويندي.
اسلام آباد ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي مصدق ملڪ چيو ته روس سان معاملن کي قطعي شڪل ڏني وئي آهي، جلد پهريون آرڊر ڏنو ويندو.
هن چيو ته ڪوشش ڪئي ويندي ته جلد پهريون جهاز پهچي وڃي، آرڊر کان پوءِ قطعي تاريخ ڏني ويندي.
مصدق ملڪ چيو ته روس سان ٽرانسپورٽيشن ۽ انشورنس معاملا طئه ٿي چڪا آهن، في الحال تفصيل سامهون نٿا آڻي سگهجن، پهريون هڪ وڏو ڪارگو جهاز ايندو.
مملڪتي وزير چيو ته سندن ڪوشش هوندي آهي ته فرنس آئل گهٽ، ڊيزل ۽ پئٽرول وڌيڪ هجي.
مصدق ملڪ چيو ته عالمي مارڪيٽ جي حساب سان کين رعايتي اگهن تي ڪچو تيل ملندو، هڪ لک بيرل ڪچو تيل گهرائڻ جو ٽارگيٽ آهي.