سعودي عرب، ترڪيه، عراق، گڏيل عرب امارات ۽ قطر سميت نار ملڪن ۾ عيدالفطر ملهائي پئي وڃي.
مسجد الحرام ۽ مسجد نبوي ۾ عيد نماز جا اجتماع ٿيا.
نماز عيدالفطر جي روح پرور اجتماع ۾ 20 لک کان وڌيڪ عمرو ادا ڪندڙ پانڌيئڙن به عيدالفطر جي نماز ادا ڪئي.
افغانستان، ترڪمانستان ۽ ازبڪستان سميت وچ ايشيائي ملڪن، آمريڪا، برطانيا ۽ يورپي ملڪن ۾ به عيدالفطر ملهائي پئي وڃي.
ڪراچيءَ ۾ به بوهري برادري عيدالفطر ملهائي رهي آهي.
ڪراچيءَ جي وڏي ڪاروباري علائقي صدر ۽ ڀرپاسي ۾ رهندڙ بوهري برادري عيد جي نماز طاهري مسجد ۾ ادا ڪئي.
بوهري برادري طرفان عيد نماز ۾ ملڪ جي سلامتي، امن امان ۽ ترقي لاءِ دعائون گهريون ويون.
بوهري برادي جي ماڻهن عيد نماز ادا ڪرڻ بعد هڪٻئي کي عيد جون مبارڪون ڏنيون، ان موقعي تي سڪيورٽي جا انتظام سخت ڪيا ويا هئا.
سنڌ سميت سڄي ملڪ ۾ عيدالفطر سڀاڻي ملهائي ويندي، برطانيا ۽ يورپ ۾ هن ڀيري به ڪجهه مسلمان اڄ ۽ ڪجهه سڀاڻي عيد الفطر ملهائيندا.
ايران، اومان، بنگلاديش، ملائيشيا، ۽ انڊونيشيا ۾ به عيدالفطر سڀاڻي ملهائي ويندي.
جاپان، برونئي، آسٽريليا، فلپائن، سنگاپور ۽ ٿائيلينڊ ۾ به چنڊ رات اڄ ٿيندي.