بالي ووڊ جي سپر اسٽار سلمان خان جي نئين فلم ”ڪِسي ڪا ڀائي، ڪِسي ڪِي جان“ رليز ٿي وئي پر فلم پهرين ڏينهن خاص ڪمائي ناهي ڪئي.
سلمان خان جي نئين فلم ڪِسي ڪا ڀائي، ڪِسي ڪِي جان جمعي ڏينهن رليز ڪئي وئي.
فلم پهرين ڏينهن تي سورهن ڪروڙ رپين جي لڳ ڀڳ ڪمائي ڪئي آهي.
سوشل ميڊيا تي سلمان خان جي فلم بابت هاڪاري ۽ ناڪاري تبصرن جو سلسلو جاري آهي.
ڪِسي ڪا ڀائي، ڪِسي ڪِي جان فلم ۾ سلمان خان سان گڏ پوجا هيگڙي، شهبازگِل، راگَهو جويال، جيسي گلِ ۽ ٻيا اداڪار شامل آهن.