وزيراعظم شهباز شريف چيو آهي ته سموريون شرطون پوريون ڪري ڇڏيون آهن، آءِ ايم ايف وٽ هاڻي معاهدو نه ڪرڻ جو ڪو به بهانو ناهي، دوست ملڪن کان قرض جون شرطون پوريون ڪرڻ ۾ پرڏيهي ۽ ناڻي واري وزير سان گڏ آرمي چيف اهم ڪردار ادا ڪيو، في الحال آءِ ايم ايف جون شرطون کانسواءِ ٻيو ڪو به حل ناهي، ڪو به شڪ ناهي ته عام ماڻهو مهانگائي سبب پريشان آهن.
وزيراعظم شهباز شريف لاهور ۾ ريلوي ڪراسنگ فلاءِ اوور جو دورو ڪري منصوبي تي ڪم جي رفتار تيز ڪري ٽن مهينن ۾ مڪمل ڪرڻ جي هدايت ڪئي.
ان موقعي تي تقريب کي خطاب ڪندي وزيراعظم شهباز شريف چيو ته آءِ ايم ايف جو ڀڳل ٽٽل معاهدو حڪومت جي جهوليءَ ۾ مليو هو، في الحال آءِ ايم ايف جون شرطون کانسواءِ ٻيو ڪو به حل ناهي.
سندس چوڻ هو ته سموريون شرطون پوريون ڪري ڇڏيون آهن، آءِ ايم ايف وٽ هاڻي معاهدو نه ڪرڻ جو ڪو به بهانو ناهي، دوست ملڪن کان قرض جون شرطون پوريون ڪرڻ ۾ پرڏيهي ۽ ناڻي واري وزير سان گڏ آرمي چيف اهم ڪردار ادا ڪيو.
وزيراعظم شهباز شريف چيو ته ڪو به شڪ ناهي ته عام ماڻهو مهانگائي سبب پريشان آهن، موجوده حالتن ۾ سادگي اختيار ڪرڻي پوندي، 2018ع ۾ جعلي ۽ جهرلو اليڪشن ترقي جو موقعو کسي ورتو، عوام شينهن کي ووٽ ڏيڻ چاهيو پر ووٽ ڪاڏي ويا سڀني کي خبر آهي.
هن چيو ته نواز شريف جي قيادت ۾ 20، 20 ڪلاڪ لوڊشيدنگ جو خاتمو آندو، تحريڪ انصاف حڪومت جي دور ۾ ڪرپشن جا رڪارڊ ٽوڙيا ويا آهن.
سندس چوڻ هو ته مفت اٽي واري اسڪيم سندس زندگي جو اهم منصوبو هو، مفت اٽي واري اسڪيم جو ڪڏهن سوچيو به نه هو، مفت اٽو ڏيڻ جي تجويز پنجاب جي نگران وڏي وزير ڏني هئي ان منصوبي تهٽ 10 ڪروڙ ماڻهن کي مفت اٽي ملي ويو آهي.
وزيراعظم شهباز شريف چيو ته 2018ع کان اڳ اڳوڻي چيف جسٽس ثاقب نثار سندن منصوبن تي پابنديون لڳايون، پابنديون ان لاءِ لڳايون ته ڪٿي ن ليگ کٽي نه وڃي، اورنج لائن خلاف پي ٽي آءِ جي درخواست تي 11 مهينا ڪيس لڳل رهيو، ثاقب نثار اٺن مهينن تائين ڇو ڪيس جو فيصلو نه ڏنو؟