امريڪا جي اڳوڻي صدر ڊونلڊ ٽرمپ چيو آهي ته سندس حڪومت جي خاتمي جي بعد فرانس جهڙو دوست ملڪ به چين طرف هليو ويو.
فرد جرم لاڳو ٿيڻ ۽ گرفتاري بعد پهريون ڀيرو امريڪي نيوز چينل فوڪس نيوز کي انٽرويو ڏيندي ڊونلڊ ٽرمپ چيو ته فرانسيسي صدر ايمانوئيل ميڪرو سندس سٺو دوست هوندو هو پر هو امريڪا کان پري ٿي چين سان گڏجي ويو آهي.
اڳوڻي صدر ڊونلڊ ٽرمپ چيو ته جڏهن سندس حڪومت ختم ٿي ته امريڪا جو دنيا ۾ اثر ختم ٿي ويو هو، موجود حڪومت امريڪا جي جغرافيائي ۽ سياسي طاقت کي ختم ڪري ڇڏيو، جنهن جو مثال فرانسيسي صدر جي چين سان ويجهڙائپ آهي، سندس دور ۾ امريڪا جو بهترين دوست هوندو هو.
واضح رهي ته فرانس جي صدر ايمانوئيل ميڪرون گذريل هفتي چين جي سرڪاري دوري تي پهتو ۽ پريس ڪانفرنس ۾ يورپين کي خبردار ڪندي چيو ته هو پاڻ کي امريڪا جي پرڏيهي پاليسين ۾ نه ڦاسائين.
هڪ صحافي جي سوال تي فرانسيسي صدر ميڪرون اهو به چيو ته يورپي ملڪن کي تائيوان جي معاملي تي چين ۽ امريڪا جي ڇڪتاڻ ۾ پوڻ گهرجي.