تازه ترين

سندن مطالبو آهي ته چونڊن جي تاريخ مقرر ڪئي وڃي جيئن جمهوريت جو عمل اڳتي وڌي سگهي: آغا سراج دراني

سنڌ اسيمبلي اسپيڪر آغا سراج دراني  چيو آهي ته سندن مطالبو آهي ته چونڊن جي تاريخ مقرر ڪئي وڃي جيئن جمهوريت جو عمل اڳتي وڌي سگهي، نواز شريف في الحال ڪورٽن کي منهن ڏئي رهيو آهي، سندن ڪوشش آهي ته بلاول وزيراعظم بڻجي.

آغا سراج دراني راڻيپور جيلاني ھائوس پهچي پير ظھور احمد شاھ عرف ابل سائين جي لاڏاڻي تي سندس ڀائرن اڳوڻي ايم اين اي پير سيد فضل علي شاهه، اڳوڻي ايم پي اي پير سيد پيارعلي شاھ  ۽ پير عمران شاھ سان تعزيت ڪئي.

ان موقعي تي ميڊيا سان ڳالهائيندي آغا سراج دراني چيو ته هو ڪو نجومي ناهي جو اليڪشن بابت ٻڌائي سگهي، اهو ڪم  اليڪشن ڪميشن ۽ نگران  حڪومت جو آھي.

هن چيو ته سندن مطالبو آهي ته اليڪشن جي تاريخ ڏني وڃي جيئن جهموريت پنهنجي رستي سان هلي، نوازشريف آيو آهي ته اليڪشن ۾ حصو به وٺندو، فلحال ته هو ڪورٽن کي وقت ٿو ڏئي.

سندس چوڻ هو ته سندن ڪوشش آھي ته ايندڙ وزيراعظم بلاول ڀٽو ٿئي.

لاڳاپيل خبرون

1,523,504FansLike
46,929FollowersFollow
209FollowersFollow
12,215FollowersFollow
101,000SubscribersSubscribe
Pakistan
clear sky
13.1 ° C
13.1 °
13.1 °
27 %
4.4kmh
2 %
اڱارو
13 °
اربع
15 °
خميس
16 °
جمعو
16 °
ڇنڇر
16 °

تازه ترين خبرون