تازه ترين
ڪراچيءَ جو ميئر مرتضيٰ وهاب ريسڪيو آپريشن جي نگراني لاءِ گل پلازه پهتو يورپي ملڪن گرينڊ لينڊ تي قبضي واري معاملي تي آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي ٽيرف لاڳو ڪرڻ جي ڌمڪين کي رد ڪ... مراڪش جي بادشاهه غزه امن بورڊ جو باني ميمبر بڻجڻ لاءِ ٽرمپ جي دعوت قبول ڪري ورتي سنڌ پوليس ۽ رينجرز ڪشمور ۽ گهوٽڪي ضلعي جي گڏيل ڪچي واري علائقي ۾ ٽارگيٽڊ آپريشن دوران پنجاب واسي 5 ڄ... سنڌ حڪومت گل پلازه جي تباهه ٿيل عمارت ٻيهر ٺهرائڻ جو اعلان ڪندي متاثرن جي بحالي لاءِ ڪميٽي قائم ڪري ... تحريڪ انصاف چيئرمين بئريسٽر گوهر جوڊيشل ڪميشن اجلاس ۾ شرڪت پي ٽي آءِ باني ملاقات سان مشروط ڪري ڇڏي جسقم چيئرمين صنعان قريشي تي ڪيس داخل ڪرڻ خلاف 21جنوري تي احتجاج جو سڏ ڪيٽي بندر ويجهو سمنڊ ۾ ٻڏيل ويل نوجوان واحد بخش گبول جي ڇهين ڏينهن به ڳولا جاري آهي قومي اسيمبلي جو اجلاس اڄ شام 5 وڳي ٿيندو، 16 نڪاتي ايجنڊا جاري گل پلازه ۾ لڳل خوفناڪ باهه 14 حياتيون ڳڙڪائي وسامي وئي، 35 ڄڻا زخمي، 73 ماڻهو اڃا تائين گم

سنڌو درياهه ۾ پاڻي جي وهڪرن ۾ مسلسل لاٿ جو سلسلو برقرار آهي، جڏهن ته سنڌ ۾ پاڻي جي کوٽ 50 سيڪڙو تائين پهچي وئي

- Advertisement -
سنڌو درياهه ۾ پاڻي جي وهڪرن ۾ مسلسل لاٿ جو سلسلو برقرار آهي، جڏهن ته سنڌ ۾ پاڻي جي کوٽ 50 سيڪڙو تائين پهچي وئي. سنڌ ۾ مجموعي طور پاڻي کوٽ 50 سيڪڙو کان وڌيڪ ٿي وئي آهي. سکر بئراج وٽ پاڻي کوٽ ۾ وڌيڪ اضافو ٿي ويو، پاڻي کوٽ وڌي 66 ڏهائي 3 سيڪڙو تائين پهچي وئي آهي. سکر بئراج وٽ مٿانهون وهڪرو 16هزار 390 ڪيوسڪ، جڏهن ته هيٺانهون وهڪرو 6 هزار 280 رڪارڊ ڪيو ويو. سکر بئراج وٽ پاڻي گهرج 30 هزار ڪيوسڪ ٿي وئي آهي، جڏهن ته بئراج مان نڪرندڙ واهن کي رڳو 10 هزار هڪ سئو ڏهه ڪيوسڪ پاڻي ملي رهيو آهي. سنڌ کي مجموعي پاڻي گهرج 39هزار 230 ڪيوسڪ آهي، جنهن مان رڳو 23 هزار 235 ڪيوسڪ پاڻي ڏنو پيو وڃي. پاڻي کوٽ سبب سنڌ جي ٽنهي بئراجن مان سکر بئراج سڀ کان وڌيڪ متاثر ٿي رهيو آهي. سکر بئراج جي دادو ڪئنال کي چار هزار 200 ڪيوسڪ گهربل پاڻي مان رڳو 450 ڪيوسڪ پاڻي ڏنو پيو وڃي. نارا ڪئنال کي 8 هزار 300 ڪيوسڪ مان 3 هزار 600 ڪيوسڪ پاڻي فراهم ڪيو پيو وڃي. خيرپور فيڊر ايسٽ کي 1500 ڪيوسڪ مان 520 ڪيوسڪ، جڏهن ته روهڙي ڪئنال کي 11 هزار 500 ڪيوسڪ پاڻي گهرج مان رڳو 3 هزار 600 ڪيوسڪ پاڻي ملي رهيو آهي. خيرپور فيڊر ويسٽ کي پاڻي گهرج 1325 ڪيوسڪ مان 740 ڪيوسڪ پاڻي ڏنو پيو وڃي. سکر بئراج ۾ پاڻي کوٽ سبب سمورا ڪئنال متاثر ٿي رهيا آهن، ڪئنالن ۾ پاڻي گهرج کان گهٽ هئڻ ڪري واهن جو ليول ڪري پيو آهي، جنهن سبب مٿانهين واريون شاخون سڪڻ لڳيون آهن.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
🔴 Sindh TV News Live – 24/7 Breaking News, Headlines, Political Updates & (Today News) #sindhtvnews
6 watching
🔴 Sindh TV News Live – 24/7 Breaking News, Headlines, Political Updates & (Today News) #sindhtvnews
Pakistan
clear sky
24.1 ° C
24.1 °
24.1 °
16 %
3kmh
0 %
اربع
25 °
خميس
26 °
جمعو
26 °
ڇنڇر
26 °
آچر
25 °

تازه ترين خبرون