سنڌ جي توانائي واري وزير امتياز شيخ سوئي نادرن کي گيس جي فراهمي روڪڻ جو مطالبو ڪري ڇڏيو، سندس چوڻ آهي ته رمضان المبارڪ ۾ گيس جي بندش عوام جو جيئڻ جنجال ڪري ڇڏيو آهي، گيس جي بندش باوجود سوئي سدرن طرفان بلن ۾ اضافو ظلم آهي، سوئي سدرن گيس جي ورهاست جي عمل ۾ مڪمل ناڪام ٿي چڪي آهي، سڀ کان وڌيڪ گيس پيدا ڪندڙ صوبو گيس جي سهولتن کان محروم آهي.
گيس جي لوڊشيڊنگ تي رد عمل ڏيندي امتياز شيخ چيو ته سنڌ جي گيس پنهنجي ضرورت کان تمام گهڻي آهي، سوئي سدرن ۽ اوگرا جي هوڏ سبب صوبي جي عوام سان ناانصافي ٿي رهي آهي.
سندس چوڻ هو ته سوئي سدرن ۽ اوگرا ۾ سنڌ جي نمائندگي کي يقيني بڻايو وڃي، اتحادي حڪومت هئڻ باوجود آئين جي آرٽيڪل 158 تي عمل نه ٿي رهيو آهي.
صوبائي وزير امتياز شيخ چيو ته سنڌ جي قدرتي گيس سوئي نادرن کي ڏيڻ صوبي جي عوام سان زيادتي آهي، جيستائين صوبي جي عوام جي ضرورت پوري نٿي ٿئي سوئي نادرن کي گيس جي سپلاءِ بند ڪئي وڃي.
هن چيو ته هو گيس هئڻ باوجود سنڌ جي عوام کان ايل اين جي جي مد ۾ اضافي رقم جي گهر کي رد ڪن ٿا.
سندس چوڻ هو ته گيس جي بندش ۽ اضافي بلن تي هو عوامي احتجاج کي منهن ڏئي رهيا آهن.
سنڌ جي توانائي واري وزير امتياز شيخ چيو ته عوام جو احتجاج سندن حق آهي، سنڌ حڪومت عوام سان گڏ بيٺل آهي، اضافي بلن جي واپسي لاءِ وفاقي حڪومت سان ڳالهيون ڪيون وينديون.
ٺل ۾ صدام لاشاري جي قتل خلاف 12هين ڏينهن به مظاهرو
ٺل ۾ پوليس جي جڙتو مقابلي ۾ ماريل نوجوان صدام لاشاري جي قتل خلاف 12هين ڏينهن به مظاهرو ڪري ڌرڻو...