تازه ترين
ڪراچيءَ جو ميئر مرتضيٰ وهاب ريسڪيو آپريشن جي نگراني لاءِ گل پلازه پهتو يورپي ملڪن گرينڊ لينڊ تي قبضي واري معاملي تي آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي ٽيرف لاڳو ڪرڻ جي ڌمڪين کي رد ڪ... مراڪش جي بادشاهه غزه امن بورڊ جو باني ميمبر بڻجڻ لاءِ ٽرمپ جي دعوت قبول ڪري ورتي سنڌ پوليس ۽ رينجرز ڪشمور ۽ گهوٽڪي ضلعي جي گڏيل ڪچي واري علائقي ۾ ٽارگيٽڊ آپريشن دوران پنجاب واسي 5 ڄ... سنڌ حڪومت گل پلازه جي تباهه ٿيل عمارت ٻيهر ٺهرائڻ جو اعلان ڪندي متاثرن جي بحالي لاءِ ڪميٽي قائم ڪري ... تحريڪ انصاف چيئرمين بئريسٽر گوهر جوڊيشل ڪميشن اجلاس ۾ شرڪت پي ٽي آءِ باني ملاقات سان مشروط ڪري ڇڏي جسقم چيئرمين صنعان قريشي تي ڪيس داخل ڪرڻ خلاف 21جنوري تي احتجاج جو سڏ ڪيٽي بندر ويجهو سمنڊ ۾ ٻڏيل ويل نوجوان واحد بخش گبول جي ڇهين ڏينهن به ڳولا جاري آهي قومي اسيمبلي جو اجلاس اڄ شام 5 وڳي ٿيندو، 16 نڪاتي ايجنڊا جاري گل پلازه ۾ لڳل خوفناڪ باهه 14 حياتيون ڳڙڪائي وسامي وئي، 35 ڄڻا زخمي، 73 ماڻهو اڃا تائين گم

سنڌ جي حقن جي حقيقي ترجمان سنڌ ٽي وي نيٽ ورڪ جي 21 هين  سالگرهه ملهائي ڪيڪ ڪاٽيا ويا

- Advertisement -
سنڌ جي حقن جي حقيقي ترجمان سنڌ ٽي وي نيٽ ورڪ جي 21 هين  سالگرهه ملهائي ڪيڪ ڪاٽيا ويا. سنڌ جي مختلف شهرن ۾ ڪيڪ ڪاٽي سنڌ جي حقن جي ترجماني تي سنڌ ٽي وي نيٽ ورڪ کي ڀرپور ڀيٽا پيش ڪئي وئي. نوابشاهه ۾ سنڌ ٽي وي نيٽ ورڪ جي 21 هين سالگرهه ملهائي وئي. نوابشاهه پريس ڪلب ۾ سنڌ ٽي وي نيٽ ورڪ جو ڪيڪ نمرا ۽ ٻين گڏجي ڪاٽيو. تقريب ۾ صحافين ۽ سول سوسائٽي جي نمائندن شرڪت ڪئي. اڳواڻن جو چوڻ هو ته مٽيءَ ۽ ماڻهوءَ جي سنگم جي نعري هيٺ سنڌ ٽي وي نيوز مظلوم ماڻهو جو مضبوط آواز بڻيل آهي. جيڪب آباد ۾ سنڌ ٽي وي نيٽ ورڪ جي جي 21 سالگرهه جي موقعي تي تقريب ڪوٺائي وئي. 21 سالگرهه جي موقعي تي تقريب ۾ ڪيڪ ڪاٽي ويو. تقريب ۾ سنڌ ٽي نيوز جيڪب آباد جي بيورو چيف اظهر گل سرڪي، واپاري اڳواڻ منصب شيخ، صحافي محمد اسلم گولو ۽ ٻين شرڪت ڪئي. اڳواڻن چيو ته سنڌ ٽي وي نيوز هميشه سنڌ جي مسئلن کي اجاگر ڪيو آهي، فاطمه ڦرڙو وارو اشو هجي يا ڪينالن وارو مسئلو هجي سنڌ ٽي وي نيوز پاڻ ملهايو آهي. هنن چيو ته سنڌ ٽي وي نيوز غريب مسڪين ماڻهن جو سگهارو آواز آهي. شھدادڪوٽ  ۾ سنڌ ٽي وي  نيٽ ورڪ جي ڪاميابي جي صفر کي 21 سال پورا ڪرڻ تي سالگرهه جو ڪيڪ ڪاٽيو ويو. تقريب ۾ شريڪ اڳواڻن وهاب پندراڻي، آصف لغاري، عبدالغني مجاهد، آصف مگسي، حبدار ميرجت، جاويد اختر ڪمبوه ، رفيق ڀٽي ۽ ٻين ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته  سنڌ ٽي وي نيٽ ورڪ 21 سالن جي سفر ۾ ڏاڍ ۽ جبر سان مهاڏو اٽڪائي  مظلوم ماڻهن جو آواز بڻي آهي. هنن چيو ته 21 هين سالگرهه جي ڪامياب صفر ڪرڻ تي سنڌ ٽي وي نيٽ ورڪ جي سرواڻ ڊاڪٽر عبدالڪريم راڄپر سميت سموري سٿ کي مبارڪون ڏين ٿا. سنڌ ٽي وي نيٽورڪ کي 21 سال مڪمل ٿيڻ تي فقير آباد ٽائون ڪاميٽي جي چيئرمين ايڊوڪيٽ پرويز ڀٽي علي پنهنجي ڪائونسل سان گڏ سالگرهه جو ڪيڪ ڪاٽيو. فقير آباد ٽائون ڪاميٽي جي چيئرمين ايڊوڪيٽ پرويز ڀٽي علي چيو ته هو سنڌ ٽي وي نيٽورڪ جي سرواڻ ڊاڪٽر عبدالڪريم راڄپر ۽ سموري سٿ کي سلام پيش ڪن ٿا، جن ھر وقت مظلوم ماڻهن جو آواز ايوانن تائين پهچائڻ ۾ پنھنجو ڪردار ادا ڪيو آهي…
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
overcast clouds
25.8 ° C
25.8 °
25.8 °
22 %
2.5kmh
96 %
جمعو
26 °
ڇنڇر
31 °
آچر
28 °
سُومر
26 °
اڱارو
26 °

تازه ترين خبرون