تازه ترين

سنڌ جي مختلف شهرن ۾ اسرائيل جي غزا تي بمباري خلاف سياسي سماجي تنظيمن ۽ مذهبي جماعتن پاران احتجاجي مظاهرا

سنڌ جي مختلف شهرن ۾ اسرائيل جي غزا تي بمباري خلاف سياسي سماجي تنظيمن ۽ مذهبي جماعتن پاران احتجاجي مظاهرا ڪري ڌرڻا هنيا ويا.

لاڙڪاڻي ۾ خاڪسار تحريڪ پاران فلسطينين سان ٻڌي جي اظهار لاءِ اسد کهڙو، برڪت علي گوپانگ ۽ بين جي اڳواڻي ۾ احتجاجي ريلي ڪڍي وئي.

دادو ۾ فلسطينين سان ٻڌي جي اظهار لاءِ مذهبي تنظيمن ۽ سياسي سماجي پارٽين جي سڏ تي عبدالرحيم هڱورو، محمد موسيٰ ٻٻر ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ابوبڪر چوڪ کان پريس ڪلب تائين ريلي ڪڍي وئي.

مبارڪپور ۾ شهرين پاران ڊاڪٽر اياز ڀٽو، مير حسن ڀٽو، عبدالله، راجا ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ اسرائيل جي فلسطينين مٿان ظلم خلاف احتجاجي ريلي ڪڍي اسرائيل خلاف نعريبازي ڪئي وئي.

گپچاڻي ۾ اسرائيل پاران فلسطينين جي قتل عام خلاف سياسي سماجي ڌرين  ۽ مذهبي پارٽين طرفان احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو.

ان موقعي تي اڳواڻن جو چوڻ هو ته اسرائيل جي غزا تي اٺن ڏينهن کان بمباري جاري آهي، جنهن ۾ عورتن ۽ ٻارڙن سميت هزارين فلسطيني شهيد ۽ زخمي ٿيا آهن.

مظاهرين چيو ته اسرائيل جي فلسطينين مٿان ظلم تي  عالمي برادري خاموش آهي، جنهن سخت لفظن ۾ مذمت ڪجي ٿي.

هنن گڏيل قومن کان مطالبو ڪيو ته فوري طور تي اسرائيل جي غزا تي بمباري بند ڪرائي فلسطينين کي ريسڪيو ڪيو وڃي.

لاڳاپيل خبرون

1,523,504FansLike
46,929FollowersFollow
209FollowersFollow
12,215FollowersFollow
102,000SubscribersSubscribe
Pakistan
clear sky
14.7 ° C
14.7 °
14.7 °
13 %
1.8kmh
0 %
سُومر
16 °
اڱارو
15 °
اربع
14 °
خميس
13 °
جمعو
13 °

تازه ترين خبرون