سنڌ جي مختلف شهرن ۾ روڊ حادثن جي نتيجي ۾ کير پياڪ ٻارڙي سميت 7 ڄڻا فوت ۽ 15 کان وڌيڪ زخمي ٿي پيا آهن.
مانجهند ويجهو روڊ حادثي جي نتيجي ۾ ٻارڙي سميت 6 ڄڻا فوت ۽ 15 کان وڌيڪ زخمي ٿي پيا.
ٽوڙهي ڦاٽڪ وٽ ڄامشوري کان سيوهڻ ويندڙ بس ڪلٽي ٿي پئي.
حادثي جي نتيجي ۾ ڪوٽڙي واسي 12 ورهين جو ببلو، 40 ورهين جي فريدا خاصخيلي، کير پياڪ آيان خاصخيلي، شاهزيب ۽ نويدا سميت 6 ڄڻا فوت ٿي ويا جڏهن ته عورتن ۽ ٻارن سميت 15 کان وڌيڪ زخمي ٿي پيا.
اطلاع ملڻ بعد پوليس واقعي واري هنڌ پهچيف فوتين جا لاش ۽ زخمين کي کڻائي اسپتال پهچايو.
پوليس جو چوڻ آهي ته حادثو تيز رفتاري سبب پيش آيو آهي وڌيڪ جاچ ڪئي پئي وڃي.
پير جو ڳوٺ ويجهو روڊ حادثي ۾ زخمي ٿيل نوجوان ڪراچي جي اسپتال ۾ فوت ٿي ويو آهي.
ٽي ڏينهن اڳ ڪار ۽ موٽرسائيڪل ۾ ٽڪر سبب 25 ورهين جو اعجاز علي شر زخمي ٿي پيو هو.
نوجوان کي گمس اسپتال گمبٽ منتقل ڪيو ويو هو جتان کيس ڳڻتي جوڳي حالت ۾ جناح اسپتال ڪراچي منتقل ڪيو ويو.
اعجاز علي شر جناح اسپتال ۾ علاج دوران زخمن جا سور نه سهندي دم ڌڻي حوالي ڪيو ويو.
اسپتال مان ضروري ڪارروائي بعد مڙهه وارثن حوالي ڪيو ويو.
نوجوان جي فوت ٿيڻ تي اطلاع تي سندس گهر ۾ ڪهرام مچي ويو.