- Advertisement -
سنڌ جي مختلف شهرن ۾ روڊ حادثن جي نتيجي ۾ 7 ڄڻا فوت ٿي ويا.
ڪي اين شاهه ۾ ٻن روڊ حادثن ۾ 3 ڄڻا فوت ۽ 20 ڄڻا زخمي ٿي پيا.
ڳوٺ لڌاڻ ويجهو انڊس هاءِ وي تي کوسا برادريءَ جي ڄڃ سان ڀريل ڪوسٽر ۽ ٽرالر ۾ ٽڪر ٿي پيو.
حادثي جي نتيجي ۾ 2 ڄڻا فوت ۽ 20 ڄڻا زخمي ٿي پيا.
حادثي ۾ فوت ٿي ويلن جا لاش ۽ زخمين کي اسپتال منتقل ڪيو ويو .
فوتين ۾ برڪت ۽ من فقير مڱڻهار شامل آهن.
ٻئي حادثي ۾ ٻن ٽريڪٽر ٽرالين ۾ به ٽڪر ٿي پيو، نتيجي ۾ پورهيت صداقت ڀنگر فوت ٿي ويو.
مٺي ڀرسان نئون ڪوٽ روڊ تي ڪوچ جي ٽڪر ۾ زخمي ٿيل موٽرسائيڪل سوار هڪ وڌيڪ نوجوان فوت ٿي ويو، جنهن سبب فوتين جو انگ ٻه ٿي ويو.
زخمي ٿيل نوجوان ڪريم پٽ ابراهيم نهڙي اسپتال ۾ دم ڏنو.
غوثپور ڀرسان انڊس ھاءِ وي تي ڳوٺ ملان مينھون لاڙي وٽ تيز رفتار ڊاٽسن سامھون ايندڙ چنگچي رڪشه سان ٽڪرائجي وئي، جنھنجي نتيجي ۾ رڪشه ۾ سوار هڪ عورت فوت ٿي وئي ۽ 6 ڄڻا زخمي ٿي پيا.
ٽيھن ورھين جي مجيدان زال وھاب اوڳاھي ٿڏي تي فوت ٿي وئي.
زخمين ۾ بشيران، شھزادي، لالي ۽ رڪشه ڊرائيور عبدالسبحان اوڳاھي شامل آهن.
چيلھار ويجهو مٺي کان عمرڪوٽ ويندڙ بس جي ٽڪر ۾ عورت فوت ٿي وئي.
ڪوچ جي ٽڪر ۾ 45 ورهين جي خاتون زال سڻڀو ميگهواڙ موقعي تي ئي دم ڏنو.
فوتي عورت جو لاش پوليس چيلهار اسپتال کڻائي آئي جتان ضروري ڪارروائي بعد مڙهه وارثن حوالي ڪيو ويندو.
- Advertisement -
