سنڌ جي مختلف شهرن ۾ روڊ حادثن ۾ هڪ ڄڻو فوت

- Advertisement -
سنڌ جي مختلف شهرن ۾ روڊ حادثن ۾ هڪ ڄڻو فوت ۽ ٻه ڄڻا زخمي ٿي پيا. دادو ويجهو خشڪ موري وٽ لوڊر رڪشا ڪلٽي ٿيڻ جي نتيجي ۾ پورهيت فوت ٿي ويو آهي. حادثي ۾ 25 سالن جو راحب پنهور موقعي تي ئي فوت ٿي ويو. اطلاع تي پوليس حادثي واري هنڌ پهچي نوجوان جو لاش کڻائي اسپتال منتقل ڪيو، جتان ضروري ڪارروائي بعد مڙهه وارثن حوالي ڪيو ويو. ڊکڻ ويجهو انڊس هاءِ وي تي ٽرالر جو موٽرسائيڪل کي ٽڪر لڳڻ سبب ٻه ڄڻا زخمي ٿي پيا. ڳوٺ مور خان عمراڻي وٽ انڊس هاءِ وي تي حادثي ۾ رانجهن وڳڻ ۽ ظهير وڳڻ زخمي ٿي پيا. اطلاع تي پوليس حادثي واري هنڌ پهچي زخمين کي کڻائي لاڙڪاڻي اسپتال منتقل ڪيو، جتي کين طبي امداد ڏني وئي. پوليس جو چوڻ آهي ته ڊرائيور کي گرفتار ڪري ٽرالر کي تحويل ۾ وٺي ڇڏيو آهي
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
🔴 WATCH LIVE NOW: Sindh TV News Live – 24/7 Breaking News, Headlines, Political Updates & Today News
5 watching
🔴 WATCH LIVE NOW: Sindh TV News Live – 24/7 Breaking News, Headlines, Political Updates & Today News
Pakistan
clear sky
26.4 ° C
26.4 °
26.4 °
27%
3m/s
0%
اربع
27 °
خميس
29 °
جمعو
28 °
ڇنڇر
26 °
آچر
25 °

تازه ترين خبرون