سنڌ جي مختلف شهرن ۾ روڊ حادثن ۾4 ڄڻا فوت ۽ 10 ڄڻا زخمي ٿي پيا.
ٻانڌي ۾ مسافر وين جو ٽائر برسٽ ٿيڻ سبب وين ڪلٽي ٿي پئي، حادثي ۾ 2 ڄڻا فوت ۽ 8 ڄڻا زخمي ٿي پيا.
خانڻ شاهه اسٽاپ وٽ مسافر وين ڪلٽي ٿيڻ سبب 2 ڄڻا فوت ۽ 8 ڄڻا زخمي ٿي پيا.
فوتين ۽ زخمين کي رورل هيلٿ سينٽر ٻانڌي پهچايو ويو جتي هڪ ڄڻي جي سڃاڻپ جيڪب آباد واسي مولا بخش جي نالي سان ٿي.
زخمين ۾ سرور شر، وحيد شر، غلام مرتضيٰ ابڙو، شڪيل سومرو، مقصود شر ۽ ٻيا شامل آهن.
پوليس جو چوڻ آهي ته مسافر وين سکر کان نوابشاهه وڃي رهي هئي ته ٻانڌي ڀرسان حادثي جو شڪار ٿي وئي، جڏهن ته حادثي جي زخمين کي ريسڪيو ڪيو ويو آهي.
ملير ۾ روڊ حادثي جي نتيجي ۾ هڪ ڄڻو فوت ۽ 2 زخمي ٿي پيا آهن.
جوڳي موڙ ويجهو نيشنل هاءِ وي تي ٽرالر ۽ موٽرسائيڪل ۾ ٽڪر ٿي پيو.
حادثي جي نتيجي ۾ موٽرسائيڪل سوار هڪ ڄڻو ٿڏي تي ئي فوت ٿي ويو، جڏهن ته 2 ماڻهو زخمي ٿي پيا.
اطلاع ملڻ بعد پوليس حادثي واري هنڌ پهچي لاش ۽ زخمين کي اسپتال پهچايو.
پوليس جو چوڻ آهي ته شهري موٽرسائيڪل تي وڃي رهيا هئا ته ٽرالر مٿان چڙهي ويو.
باڊهه ويجهو روڊ حادثي ۾ زخمي ٿيل ڳوٺ وڏي وهڻي واسي ذاڪر علي سومرو زخمن جي سٽ نه سهندي فوت ٿي ويو..
Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
12.3
°
C
12.3
°
12.3
°
24%
1.2m/s
2%
اڱارو
14
°
اربع
20
°
خميس
20
°
جمعو
19
°
ڇنڇر
18
°


