پروفيسر ڊاڪٽر اجمل ساوند جي قتل تي ڏک ۽ ڪاوڙ جي لهر برقرار آهي جڏهن ته سنڌ جي مختلف شهرن ۾ قاتلن جي گرفتاريءَ لاءِ چوٿين ڏينهن به احتجاجي ريليون ڪڍي مظاهرا ڪري ڌرڻا هنيا ويا.
ڪنڌڪوٽ ۾ پ پ شهيد ڀٽو طرفان پروفيسر اجمل ساوند جي قتل ۾ ملوث جوابدارن جي گرفتاريءَ لاءِ گلبهار جعفري، شاهنواز ميراڻي، منير کوسي ۽ ٻين جي اڳواڻيءَ ۾ پريس ڪلب اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو.
تنگواڻيءَ ۾ سياسي سماجي اڳواڻن ۽ اسڪولي شاگردن طرفان پروفيسر ڊاڪٽر اجمل ساوند جي قاتلن جي گرفتاري لاءِ اصغر ملڪ، آصف کوسي، اعجاز احمد ۽ ٻين جي اڳواڻيءَ جعفر آباد روڊ کان پريس ڪلب تائين احتجاجي ريلي ڪڍي مظاهرو ڪري نعريبازي ڪئي وئي.
زرعي يونيورسٽي ٽنڊي ڄام جي استادن پاران سموريون سرگرميون معطل ڪري پروفيسر اجمل ساوند جي قتل خلاف ڊاڪٽر فهد جي اڳواڻيءَ ۾ احتجاجي ريلي ڪڍي ڪارو ڏينهن ملهايو ويو.
راڻيپور ۾ سچل سرمست ڊگري ڪاليج جي استادن پاران پروفيسر ڊاڪٽر اجمل جي قتل خلاف پروفيسر مختيار چنو، بشير جانوري ۽ ٻين جي اڳواڻيءَ ۾ ٻانهن تي ڪاريون پٽيون ٻڌي احتجاجي مظاهرو ڪري نعريبازي ڪئي وئي.
جهول ۾ پروفيسر اجمل ساوند جي قتل خلاف علمي ادبي ڌرين، سماجي اڳواڻن ۽ اسڪولي شاگردن پاران ھٿن ۾ پلي ڪارڊ کڻي احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو.
اڳواڻن چيو ته پروفيسر ڊاڪٽر اجمل ساوند جو قتل سنڌ جي تعليم ۽ شعور جو قتل آهي، اجمل ساوند ڀوتارڪي نظام ھٿان قتل ٿي ويو، سندس قاتلن کي انجام تائين پهچايو وڃي.
هنن چيو ته قبيلائي جھيڙن سنڌ جو امن تباھه ڪري ڇڏيو آھي، سوين ڪونڌر بيڏوھي مارجي ويا آهن پر سرڪار جي ڪن تي جونءَ به ناهي چري.
سندن چوڻ هو ته قبيلائي سردارن خوني جھيڙن جا جرڳا ڪري قاتلن کي خون معاف ڪرڻ جو ڪڌو رواج وڌو جنھن سان قبيلائي جھيڙن ۾ تيزي آئي.
اڳواڻن اعليٰ اختيارين کان مطالبو ڪيو ته پروفيسر ڊاڪٽر اجمل ساوند جي قاتلن کي گرفتار ڪري وارثن سان انصاف ۽ سنڌ ۾ پکڙيل بيچيني ختم ڪئي وڃي.