سنڌ جي مختلف شهرن ۾ پروفيسر ڊاڪٽر اجمل ساوند جي قاتلن جي گرفتاريءَ لاءِ احتجاجي ريليون ڪڍي مظاهرا ڪري ڌرڻا هنيا ويا.
ڪنڌڪوٽ ۾ سنڌ يونائيٽيد پارٽي جي سڏ تي مختلف سياسي سماجي تنظيمن پاران پروفيسر ڊاڪٽر اجمل ساوند جي قاتلن جي گرفتاريءَ لاءِ روشن علي ٻرڙي، جڳديش آھوجا، غلام مصطفيٰ چانڊئي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ايس ايس پي آفيس اڳيان ٻئي ڏينهن به احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هڻي نعريبازي ڪئي وئي.
احتجاج ڪندڙن ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته جيستائين پروفيسر اجمل ساوند جي قاتلن کي گرفتار ڪيو ويندو ڀلي عيد ايس ايس پي آفيس اڳيان ڪرڻي پئي ته به ايس ايس پي آفيس اڳيان ڌرڻو جاري رهندو.
راڻيپور۾ باشعور عوام پاران پروفيسر اجمل ساوند جي بي رحماڻي قتل خلاف سڪندر سرڪي، علي حسن ملاح، ڊاڪٽر نذير کوکر، ڊاڪٽر ذاڪر سولنگي ۽ ٻين جي اڳواڻيءَ ۾ احتجاجي ريلي ڪڍي پريس ڪلب آڏو احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو.
احتجاج ڪندڙن ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته پروفيسر اجمل ساوند جي قتل سان سنڌ جو جيڪو نقصان ٿيو آهي اھو ڪڏھن به ڀرجي نه سگھندو ھي ھڪ فرد جو نه پر سڄي سنڌ جي شعور جو قتل آهي.
سندن چوڻ هو ته قبيلائي تڪرارن جي آڙ ۾ قاتل سري عام ھٿياربند بڻجي گھمندو آهي پر پوليس ذاتي دشمني آهي جو چئي خاموش ٿي ويندي آهي جنھنڪري تڪرارن ۾ بيگناهه عوام جو قتل عام ٿيندو پيو وڃي جنهنڪري سنڌ ڌرتي جو دنيا ۾ نالو روشن ڪندڙ پروفيسر اجمل ساوند به نشانو بڻجي ويو آهي.
هنن اعليٰ اختيارين کان مطالبو ڪيو ته پروفيسر اجمل ساوند جي قاتلن کي گرفتار ڪري انجام تائين پهچايو وڃي، قاتل انجام تي پهچندا ته سنڌ ۾ خوني ۽ قبيلائي تڪرارن جو ناسور ختم ٿيندو.