سنڌ جي مختلف علائقن ۾ برسات پوڻ سبب موسم خوشگوار بڻجي وئي.
بڪيرا شريف ۽ ڀرپاسي وارن علائقن ۾ وسڪارو ٿيو.
برسات کانپوءِ روڊ رستن تي پاڻي بيهجي ويو.
تيز وسڪاري کانپوءِ گرمي جو زور پڻ ٽٽي ويو ۽ موشم خوشگوار بڻجي وئي.
شيخ ڀرڪئي ۽ ڀرپاسي ۾ تيز هوا ۽ ڳڙي سان برسات ٿي.
برسات کانپوءِ بجلي فراهمي معطل ٿي وئي، جڏهن ته گرمي جو زور ٽٽڻ سبب موسم وٺندڙ بڻجي وئي.