سنڌ جي مختلف علائقن ۾ ڌار ڌار روڊ حادثن ۾ هڪ نينگري سميت ٽي ڄڻا فوت ٿي ويا آهن ۽ ٻه ڄڻا زخمي ٿي پيا آهن.
دادو ويجهو انڊس هاءِ وي تي مسافر ڪوچ ٻن موٽرسائيڪلن مٿان چڙهي وئي، حادثي ۾ ٻه ڄڻا فوت ٿي ويا ۽ ٻه زخمي ٿي پيا آهن، پوليس لاش ۽ زخمين کي کڻائي اسپتال منتقل ڪري ڇڏيو.
مخدوم بلاول ٿاڻي جي حد ۾ لاڙڪاڻي کان ڪراچي ويندڙ تيز رفتار ڪوچ ٻن موٽرسائيڪلن مٿان چڙهي وئي.
حادثي ۾ حنيف پنهور، نثار پنهور ، حميد ۽ غلام مرتضيٰ پنهور زخمي ٿي پيا آهن.
موٽر وي پوليس حادثي واري هنڌ پهچي زخمين کي کڻائي سول اسپتال دادو منتقل ڪيو، جتي ٻه زخمي حنيف پنهور ۽ نثار پنهور فوت ٿي ويا، ضروري ڪارروائي بعد مڙهه وارثن حوالي ڪيا ويا.
فوتين جا مڙهه گهر پهچائڻ تي گهر ڀاتين ۾ ڪهرام مچي ويو آهي.
پنوعاقل ويجهو سانگي واري علائقي ۾ لوڊر رڪشا جو ٽڪر لڳڻ سبب اسڪول ويندڙ نينگري فوت ٿي وئي.
حادثي بعد موقعي تي موجود ماڻهن رڪشا ڊرائيور کي مارڪٽ ڪرڻ بعد پوليس حوالي ڪري ڇڏيو.
پوليس نينگري جو لاش اسپتال منتقل ڪيو، جتان ضروري ڪارروائي بعد مڙهه وارثن حوالي ڪيو ويو .
نينگري جو لاش گهر پهچائڻ تي گهر ڀاتين ۾ ڪهرام مچي ويو آهي.