تازه ترين

سنڌ جي نگران وڏي ۽ صحت واري ۾ اختلاف تيز ٿي ويا

سنڌ جي نگران وڏي وزير مقبول باقر ۽ صحت واري وزير سعد خالد ۾ اختلاف تيز ٿي ويا آهن، نگران وڏي وزير مقبول باقر صحت واري وزير جي الزامن کي رد ڪري ڇڏيو.

ذريعن موجب سنڌ جي نگران وڏي وزير مقبول باقر ۽ صحت واري وزير سعد خالد ۾  صحت کاتي جي اجلاس ۾ شرڪت نه ڪرڻ تي اختلاف ٿيا.

سنڌ جي نگران وڏي وزير مقبول باقر صحت کاتي جو اعليٰ سطحي اجلاس طلب ڪيو پر سعد خالد شرڪت کان انڪار ڪيو.

ذريعن موجب نگران وڏي وزير مقبول باقر ۽ صحت واري نگران وزير سعد خالد ۾ روبوٽڪ سرجري جي مشين جي خريداري جو ٽينڊر رد ڪرڻ تي اختلاف ٿيا آهن.

پ پ جي حڪومت ڪراچي سميت سنڌ جي مختلف اسپتالن لاءِ 8 روبوٽڪ سرجري مشينن جي خريداري جو ٺيڪو هڪ من پسند ڪمپني کي ڏنو.

شروعاتي طور 2 مشينون گهرايون ويون ۽ ٻين مشينن جي خريداري جو ڪم به مڪمل ڪيو ويو.

نگران صحت واري وزير سيپٽمبر مهيني ۾ مشينن جي خريداري جو ٽينڊر رد ڪندي خريداري جو عمل روڪيو.

صحت کاتي جي وزيرن جو چوڻ آهي ته روبوٽڪ مشينن جي خريداري ۾ وڏي پئماني تي ڪميشن وٺڻ جو انڪشاف ٿيو آهي جنهن تي جاچ ڪميٽي قائم ڪئي وئي.

ذريعن موجب صحت واري وزير کي رشوت طور هڪ روبوٽڪ مشين تحفي ۾ ڏيڻ جي آڇ ڪئي وئي.

صحت واري وزير جي مخالفت کانپوءِ روبوٽڪ مشين جي اهميت کي اجاگر ڪرڻ لاءِ مهم شروع ڪئي وئي ۽ تاثر ڏيڻ جي ڪوشش ڪئي وئي ته روبوٽڪ سرجري جي مشين ڪنهن به سرجري لاءِ تمام گهڻي اهم آهي.

صحت واري نگران وزير ڊاڪٽر سعد خالد  نياز  هڪ بيان ۾ چيو ته اسپتالن جي حالت بهتر بڻائڻ ۽ عوام کي سهولتون فراهم ڪرڻ سندس حق  آهي.

نگران صوبائي وزير  چيو ته هو سرڪاري اسپتالن جي بجيٽ ۾ اضافي بجاءِ مهانگو ترين روبوٽ ڪيئن ٿو خريد ڪري سگهجي، شهر جي سڀ کان وڏي خانگي اسپتال ۾ به هن وقت ڪا به روبوٽڪ سرجري نه ٿي ڪئي وڃي، مهانگي ترين روبورٽ ذريعي مهانگو ترين علاج غير منطقي آهي.

سندس چوڻ هو ته آغا خان جهڙي اسپتال ۾ پتي جي سرجري تي اڍائي لک روپين تائين خرچ اچي ٿو،  روبوٽڪ سرجري ذريعي پتي جي سرجري جهڙي معمولي آپريشن تي چئن کان ساڍن چئن لک روپين تائين خرچ آهي جيڪو حڪومت برداشت ڪري ٿي.

هن چيو ته ماهر سرجنز جي راءِ کي نظر ۾ رکندي روبوٽ جي ذريعي عام آپريشن جي مهانگي علاج کان بچڻ جي لاءِ روبوٽس جي خريداري کي روڪيو هو، روبوٽ خريداري ۾ بي قاعدگيون ٿيون هيون.

هن چيو ته مالياتي سال 2023-24  ۾ 6 روبوٽس جي خريداري جي لاءِ مختص 5 هزار 467 ملين جا فنڊز جاري ڪيا ويا هئا، جنهن ۾  سنڌ جي مختلف اسپتالن لاءِ منظوري ڏني وئي هئي.

هن چيو ته سرڪاري اسپتالن کي مستحڪم ڪرڻ بنا انهن جون خدمتون بهتر نه ٿيون ٿي سگھن، وڏي وزير جي بنا سبب  مداخلت نه پر سرپرستي جي ضرورت آهي.

سندس چوڻ هو ته نگران وڏي وزير هڪ طرفو فيصلو ڪندي ايس آءِ يو ٽو جو دورو ڪيو ۽ کيس معاملي کان ئي آگاهه نه ڪيو.

ٻئي طرف نگران وڏي وزير مقبول باقر صحت واري وزير جي الزامن کي رد ڪندي چيو ته سنڌ جي مختلف کاتن جي دوري دوران ثابت ٿيو ته ڊاڪٽر سعد خالد نياز اسپتالن کي بهتر ڪرڻ ۾ مڪمل طور ناڪام ٿي ويو آهي.

نگران  وڏي وزير جي ترجمان موجب ڊاڪٽر سعد نياز اسپتالن جي حالت بهتر ڪرڻ بدران ايس آءِ يو ٽي جهڙي بترين اداري تي تنقيد ڪئي.

سندس چوڻ هو ته ڊاڪٽر سعد نياز بدنيتي جي بنياد تي جائزي واري اجلاس کي ٽي ڀيرا ملتوي ڪرايو ته جيئن سندس ناقص ڪارڪردگي جو جائزو نه وٺي سگهجي.

نگران وڏي وزير مقبول باقر جي ترجمان موجب ڊاڪٽر سعد نياز پنهنجي بيان ۾ جيڪا ٻولي استعمال ڪري رهيو آهي اها ڪو مهذب يا پيشور ڊاڪٽر يا ڊاڪٽر استعمال ڪرڻ جو سوچي نه ٿو سگهي.

ترجمان موجب ڊاڪٽر سعد نياز آئين ۽ قانون جي لتاڙ تي بضد آهي ۽ پنهنجي ناڪامي تي وائڙائپ جو شڪار  آهي.

نگران وڏي وزير مقبول باقر جي ترجمان موجب آئين ۽ قانون موجب نگران وڏو وزير سمورن صوبائي کاتن جي ڪارڪردگي بهتر ڪرڻ لاءِ کين وقفي وقفي سان هدايتون ڏيڻ جو پابند آهي.

ترجمان چيو ته ڊاڪٽر سعد خالد کاتي پنهنجو سيڪريٽري لڳائي پنهنجي ذاتي ايجنڊا هلائڻ چاهي ٿو.

لاڳاپيل خبرون

1,523,504FansLike
46,929FollowersFollow
209FollowersFollow
12,215FollowersFollow
102,000SubscribersSubscribe
Pakistan
clear sky
14.6 ° C
14.6 °
14.6 °
28 %
0.6kmh
0 %
آچر
14 °
سُومر
15 °
اڱارو
16 °
اربع
16 °
خميس
16 °

تازه ترين خبرون