سنڌ جي وحدت، جاگرافيائي سلامتي ۽ تاريخي سڃاڻپ خلاف ڪنهن به سازش کي قبول نه ڪيو ويندو: ڊاڪٽر قادر مگسي

spot_img
سنڌ ترقي پسند پارٽي جي چيئرمين ڊاڪٽر قادر مگسي چيو آهي ته سنڌ جي وحدت، جاگرافيائي سلامتي ۽ تاريخي سڃاڻپ خلاف ڪنهن به سازش کي قبول نه ڪيو ويندو، سنڌ جو عوام پنهنجي ڌرتي جي تحفظ لاءِ پُرامن ۽ جمهوري جدوجهد جاري رکندو. ڪراچيءَ جي علائقي سچل ڳوٺ ۾ سنڌ ٽي وي نيوز سان ڳالهائيندي ڊاڪٽر قادر مگسي چيو ته 11 آڪٽوبر کان شروع ڪيل عوامي آگاهي مهم تحت سنڌ جي مختلف ڊويزنن، خاص طور لاڙڪاڻي، حيدرآباد ۽ نوابشاهه ڊويزن ۾ ڪرايل پروگرامن ۾ هزارين ماڻهن شرڪت ڪئي، عوام جي ڀرپور موٽ ثابت ڪري ٿي ته سنڌ جا ماڻهو پنهنجي ڌرتي جي وحدت ۽ سياسي حقن بابت باشعور آهن. هن چيو ته عوامي آگاهي مهم جو مقصد سنڌ جي ماڻهن کي پنهنجي تاريخ، جاگرافيائي حيثيت، آئيني حقن ۽ قومي سڃاڻپ بابت آگاهي ڏيڻ آهي، پر ڪجهه ڌرين طرفان رستا بند ڪرڻ ۽ پُرامن سياسي سرگرمين ۾ رنڊڪون وجهڻ وارا بيان سامهون اچڻ سان صورتحال ڳڻتي جوڳي بڻجي رهي آهي. ڊاڪٽر قادر مگسي چيو ته وفاقي وزير مصطفيٰ ڪمال سميت مختلف سياسي اڳواڻن جي بيانن کان پوءِ پيدا ٿيل صورتحال جو حڪومت کي سنجيدگيءَ سان نوٽيس وٺڻ گهرجي، سياسي اختلافن کي ڳالهين ذريعي حل ڪرڻ بدران عوام کي پريشان ڪرڻ ۽ رستا بند ڪرڻ مناسب عمل ناهي. هن چيو ته سنڌ ترقي پسند پارٽي جي جدوجهد ڪنهن به قوم، ٻولي يا برادريءَ خلاف ناهي، سندن مقصد سنڌ جي وحدت ۽ آئيني حقن جو تحفظ ڪرڻ سان گڏ ملڪ اندر محبت، رواداري ۽ ڀائيچاري کي هٿي ڏيڻ آهي. ڊاڪٽر قادر مگسي چيو ته ڪراچي سنڌ جو تاريخي ۽ گڏيل شهر آهي، هن شهر ۾ رهندڙ پنجابي، پشتون، سرائيڪي ۽ اردو ڳالهائيندڙ سندن ڀائر آهن، کين اميد آهي ته اهي سڀئي قومون سنڌ جي وحدت ۽ قومي ٻڌيءَ واري پُرامن ريلي ۾ ڀرپور شرڪت ڪنديون. هن چيو ته ڪراچيءَ ۾ اهڙو پيغام ڏيڻ چاهيون ٿا، جنهن سان ملڪ مان لساني تعصب، نفرت ۽ غلط فهمين جو خاتمو ٿئي ۽ مختلف قومن وچ ۾ محبت، احترام ۽ انسانيت جو رشتو مضبوط ٿئي. سندس چوڻ هو ته اهي چاهين ٿا ته سنڌ جي وحدت جو سوال سموري ملڪ جي گڏيل شعور جو حصو بڻجي، پنجابي، پشتون، سرائيڪي ۽ اردو ڳالهائيندڙ ڀائر سنڌ کي پنهنجو وطن سمجهن ٿا ته انهن جي شرڪت هن جدوجهد کي وڌيڪ مضبوط ڪندي. ڊاڪٽر قادر مگسي چيو ته حڪومت جي ذميواري آهي ته اها سمورن شهرين جي جان ۽ مال جي حفاظت ڪري ۽ هر سياسي پارٽي کي جمهوري حق استعمال ڪرڻ لاءِ برابريءَ جو ماحول فراهم ڪري. هن چيو ته ڪنهن به ڌر کي رستا بند ڪرڻ، خوف پيدا ڪرڻ يا ماڻهن کي پنهنجي سياسي راءِ ڏيڻ کان روڪڻ جو حق نه هجڻ گهرجي. سندس چوڻ هو ته سنڌ جي عوام کي اپيل آهي ته هو اتحاد ۽ ٻڌيءَ جو مظاهرو ڪن، ڪنهن به اشتعال انگيز ڳالهه جو جواب اشتعال سان نه ڏين ۽ پنهنجي جدوجهد کي پُرامن ۽ جمهوري طريقي سان اڳتي وڌائين. ڊاڪٽر قادر مگسي چيو ته ڪراچيءَ مان محبت، ڀائيچاري ۽ قومي ٻڌيءَ جو اهڙو پيغام ڏنو ويندو، جيڪو سڄي پاڪستان لاءِ مثال بڻجي، سنڌ جي وحدت سان گڏ سمورين قومن جي حقن جو احترام ئي مضبوط وفاق جي ضمانت آهي……

لاڳاپيل خبرون

spot_img
Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
12.3 ° C
12.3 °
12.3 °
24%
1.2m/s
2%
اڱارو
14 °
اربع
20 °
خميس
20 °
جمعو
19 °
ڇنڇر
18 °

تازه ترين خبرون