سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاهه طرفان گمس اسپتال جو نالو تبديل ڪرڻ جو فيصلو سپريم ڪورٽ ۾ چئلينج ڪرڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو.
سنڌ اسيمبلي جي اجلاس ۾ ڳالهائيندي وڏي وزير مرا دعلي شاهه چيو ته سرڪارين جاين تان نالا هٽائڻ بابت سنڌ هاءِ ڪورٽ جو فيصلو صوبائي حڪومت جي ڪم ۾ مداخلت آهي.
هن چيو ته سنڌ هاءِ ڪورٽ جو فيصلو سپريم ڪورٽ ۾ چئلينج ڪيو ويندو، عدليه پنهنجا اختيار اورانگهي رهي آهي.
سندس چوڻ هو ته سنڌ سرڪار پارڪن تي ججن جا به نالا رکيا آهن.
وڏي وزير مراد علي شاهه چيو ته عمران خان ملڪ کي نقصان پهچائڻ جون ڪوششون ڪري رهيو آهي.
وڏي وزير مراد علي شاهه چيو ته تحريڪ انصاف چيئرمين ڪارڪنن کي اڳيان ڪري پاڻ لڪي وڃي ٿو، عمران خان جهڙي بزدل شخص جي شهيد ذوالفقار علي ڀٽو ۽ بينظير ڀٽو سان ڀيٽڻ نه گهرجي.