سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاهه ڪراچي سيف سٽيز اٿارٽي جي 275 خالي جاين تي ٻڌل تنظيمي ڍانچي جي منظوري ڏئي ڇڏي

spot_img
وڏي وزير مراد علي شاهه جي صدارت ۾ سنڌ سيف سٽيز اٿارٽي جو اجلاس ٿيو، ڪراچي سيف سٽي منصوبي جي اڳڀرائي جو تفصيلي جائزو ورتو ويو. وڏي وزير مراد علي شاهه سيف سٽيز اٿارٽي کي هدايت ڪندي چيو ته ڪراچي سيف سٽي منصوبي جي عملي صلاحيت وڌيڪ بهتر بڻائي وڃي. وڏي وزير چيو ته جديد نگراني جي ٽيڪنالاجي کي شهرين لاءِ محفوظ روڊن، اثرائتي پوليسنگ ۽ بهتر تحفظ ۾ تبديل ڪيو وڃي. هن چيو ته سنڌ سيف سٽي اٿارٽي جديد ٽيڪنالاجي تي ٻڌل پوليسنگ ۾ اهم سيڙپڪاري آهي، سيف سٽي منصوبي جي بنيادي ڍانچي سان عوام کي عملي فائدو ملڻ گهرجي. وڏي وزير مراد علي شاهه سيف سٽي منصوبي جي آپريشن ۽ سار سنڀال لاءِ 18 ڪروڙ 97 لک 50 هزار رپين جي ڇهه ماهي نظرثاني جي تجويز منظور ڪري ورتيو. معاهدي جي آپريشن ۽ سارسنڀال لاءِ اسپيئر پارٽس ۽ آپٽيڪل فائبر خرچن سميت ساليانو مالي حد 21 ڪروڙ 30 لک 30 هزار رپيا مقرر ڪيا ويا. ڪراچي سيف سٽي منصوبي جي آپريشن ۽ سار سنڀال جو نئون انتظام پهرين جنوري 2027ع کان شروع ٿيندو، مقرر ڪيل خرچ ۾ واڌ نه ڪئي وڃي. وڏي وڏي چيو ته سيف سٽي اٿارٽي جا نتيجا متاثر ڪندڙ آهن، پوليس ۽ سنڌ سيف سٽيز اٿارٽي وچ ۾ رابطا وڌيڪ مضبوط بڻايا وڃن. وڏي وزير مراد علي شاهه سنڌ سيف سٽيز اٿارٽي جي جي 275 خالي جاين تي لاڳاپيل تنظيمي ڍانچي جي منظوري ڏني وئي. سائبر سڪيورٽي، مصنوعي ذهانت، سافٽ ويئر ڊولپمينٽ، نيٽ ورڪ انجنيئرنگ ۽ ڊجيٽل فارنزڪس جا ماهر ڀرتي ڪيا ويندا. وڏي وزير جو چوڻ هو ته دستياب فنڊن موجب سنڌ سيف سٽيز اٿارٽي ۾ ڀرتيون مرحليوار مڪمل ڪيون وينديون. وڏي وزير مراد علي شاهه جي هدايت تي سنڌ سيف سٽيز اٿارٽي ۾ ٽن نون اهم ٽيڪنيڪي عهدن تي ڀرتين جو فيصلو ڪيو ويو آهي. وڏي وزير چيو ته چيف ٽيڪنالاجي آفيسر، چيف انفارميشن سڪيورٽي آفيسر ۽ ايس او سي اينالسٽي جي جاين تي ڀرتيون ڪيون وينديون، ڊجيٽل فارنزڪس ۽ انسٽنٽ رسپانس جي ماهر جي به ڀرتي ڪئي ويندي. وڏي وزير هدايت ڪئي ته ٽنهي عهدن تي ڀرتي جو عمل ايڇ آر ڪمپني ذريعي مڪمل ڪيو ويندو……..

لاڳاپيل خبرون

spot_img
Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
12.3 ° C
12.3 °
12.3 °
24%
1.2m/s
2%
اڱارو
14 °
اربع
20 °
خميس
20 °
جمعو
19 °
ڇنڇر
18 °

تازه ترين خبرون