سنڌ جي 24ضلعن جي 63تڪن تي مڪاني ادارن جي ننڍي چونڊ کانپوءِ نتيجا اچڻ جو سلسلو جاري آهي، هن وقت تائين آيل غير حتمي ۽ غيرسرڪاري نتيجن ۾ حڪمران پارٽي پيپلزپارٽي کي سرسي حاصل آهي.
ڪراچي جي 11 يونين ڪائونسلن مان 5 يونين ڪائونسلن پ پ ڪاميابي ماڻي ورتي آهي.
4 يونين ڪائونسلن تي جماعتي اسلامي جا اميدوار ڪامياب ٿيا آهن، جڏهن ته ٻن جا نتيجا اڃان رهيل آهن.
غير حتمي غير سرڪاري نتيجن موجب موجب، جنرل ڪائونسلر جي 15 سيٽن مان 7 تي پ پ اميدوار سوڀارا ٿيا آهن جڏهن ته جماعت اسلامي 5، پي ٽي آءِ 2 ۽ ن ليگ جو هڪ اميدوار جنرل ڪائونسلر چونڊجي ويو آهي
نيو ڪراچي يو سي 13 ۽ ڪورنگي يو سي 2 پ پ اڳتي آهي، جڏهن ته مومن آباد جي يو سي 8 تي پ پ اميدوار 28 سئو ووٽ کڻي ڪامياب ٿي ويو.
بلديا ٽائون يو سي 2 تي پ پ اميدوار 2970 ووٽ کڻي ڪاميابي ماڻي، لياري جي بهار ڪالوني يو سي 2 تي جيالي اميدوار 2742 ووٽ کڻي ڪاميابي حاصل ڪئي.
حيدرآباد جي يوسي 118 جي سمورين پولنگ اسٽيشنن جا غير حتمي ۽ غير سرڪاري نتيجا اچي ويا آهن جنهن موجب پي ٽي آءِ جي چيئرمين اميدوار آرزو فيصل ۽ اسامه 744 ووٽ کڻي ڪاميابي حاصل ڪئي، جڏهن ته پ پ اميدوار محمد شعيب ۽ اميدوار وجيح رضوي 505 ووٽ کڻي ٻئي نمبر تي رهيا.
حيدرآباد يوسي 17تي 6پولنگ اسٽيشن جا نتيجا اچي چڪا آهن، آزاد اميدوار محمد اسلم 1257ووٽ کڻي پهرين نمبر تي آهي، جڏهن ته پ پ اميدوار ملڪ عثمان 1226 ووٽ کڻي ٻئي نمبر تي آهي.
حيدرآباد جي يوسي 30 جي وارڊ نمبر 2 جو مڪمل نتيجو اچي ويو، آزاد اميدوار ناظم زاهد 179 ووٽ کڻي ڪاميابي حاصل ڪئي، پي ٽي آءِ اميدوار 113 ووٽ کڻي ٻئي نمبر تي رهيو.
دادو جي ميونسپل وارڊ 20 تي پ پ اميدوار ڳاڙهو سولنگي 417 ووٽ کڻي ڪامياب ٿي ويو، پي ٽي آءِ جي بشيران سولنگي 137ووٽ حاصل ڪري سگهي، جڏهن ته جي يو آءِ جو حسين احمد جمالي 32 ووٽ کڻي سگهيو.
شڪارپور ميونسپل ڪميٽي جي وارڊ 24 تي آزاد اميدوار 689 ووٽ کڻي ڪامياب ٿي ويو ۽ پ پ اميدوار فائق سومرو 399 ووٽ کڻي سگهيو.
جيڪب آباد جي يوسي 18 جي جنرل وارڊ تي پ پ اميدوار امير علي دايو 239 ووٽ کڻي ڪامياب ٿي ويو، جي يو آءِ اميدوار 167 ووٽ کڻي سگهيو.
گهوٽڪي جي يوسي عمر ڊهو ۾ جي ڊي اي اميدوار عبدالجبار سميجو ڪامياب ٿي ويو، جي ڊي اي اميدوار 694 ووٽ کڻي پ پ اميدوار کي شڪست ڏني، پ پ جو اميدوار احمد علي ملڪ 237 ووٽ کڻي هارائي ويو.
ڪنڌڪوٽ ميونسپل ڪميٽي جي وارڊ 2 تي پ پ اميدوار اصغر کوسو ڪامياب ٿي ويو، پ پ جي اميدوار 1382 ووٽ کڻي ڪاميابي حاصل ڪئي.
نوابشاهه جي يونين ڪميٽي ايڇ ايم خواجا جي وارڊ 4 تي پ پ اميدوار ڪاميابي حاصل ڪئي، پ پ اميدوار عبدالعزيز 902 ووٽ حاصل ڪري ڪامياب ٿي ويو
ٽنڊو باگي جي وارڊ 7 تي پ پ جو سڪندر شاهه 425 ووٽ کڻي ڪامياب ٿي ويو، آزاد اميدوار زوهيب حسين خواجه 44ووٽ کڻي سگهيو.
شهدادپور ٽائون ڪميٽي جي وارڊ 2 تان پ پ اميدوار ڪامياب ٿي ويو، پ پ جي راڻا محمد رمضان راجپوت 562 ووٽ کڻي ڪاميابي ماڻي، جڏهن ته جي ڊي اي اميدوار راڻا زاهد علي 81 ووٽ کڻي سگهيو.
اڏيرو لال جي يونين ڪائونسل 16 تي پ پ اميدوار ڪاميابي حاصل ڪئي، پ پ اميدوار مخدوم احمد زمان 4660 کڻي ڪامياب ٿيو، آزاد اميدوار سعيد احمد جدگال 729 ووٽ کڻي هارائي ويو.
اوٻاوڙو ٽائون ڪميٽي جي وارڊ 6 تي پ پ اميدوار احمد حسين سيلرو ڪامياب ٿيو، آزاد اميدوار وڪيل عبدالڪريم ٿهيم هارائي ويو.
روهڙي جي وارڊ نمبر 11 تان پ پ اميدوار 595 ووٽ کڻي چونڊ کٽي ويو، جڏهن ته پي ٽي آءِ جو اميدوار 115 ووٽ کڻي سگهيو.
محرابپور ٽائون ڪميٽي جي وارڊ هڪ تي پ پ اميدوار مير سجاد حيدر ٽالپر ڪاميابي ماڻي، پ پ اميدوار 840 ووٽ کڻي ڪاميابي حاصل ڪئي، آزاد اميدوار منظور حسين شيدي 87ووٽ کڻي سگهيو.
ٽائون ڪميٽي هالاڻي جي وارڊ هڪ تي خادم حسين مهيسر 747 ووٽ کڻي ڪامياب ٿي ويو،
پنو عاقل جي يوسي بائجي ۾ پ پ اميدوار شفقت الله ڀٽو 3023 ووٽ کڻي ڪامياب ٿي ويو، جڏهن ته جي يو آءِ اميدوار محمد صديق ڪلهوڙو 2400 ووٽ کڻي سگهيو.
ميرپور بٺورو جي يوسي شاهه محمد ۾ آزاد اميدوارن پ پ کي شڪست ڏئي ڇڏي، آزاد اميدوار منور علي زنئور ۽ سليمان ملاح 2467 ووٽ کڻي ڪاميابي حاصل ڪئي، پ پ اميدوارن کي 2336 ووٽ ملي سگهيا.
ڪوٽڙي جي ايم سي جي وارڊ 13 تان پ پ اميدوار زبير پٺاڻ 847 ووٽ کڻي ڪامياب ٿي ويو، جڏهن ته ڄامشورو اتحاد جو اميدوار يعقوب مسيح 537 ووٽ کڻي هارائي ويو.
ٺٽي جي يوسي ڌاٻيجي تي پ پ اميدوارن کي آزاد اميدوار هارائي ڇڏيو،
آزاد اميدوار مٺا خان بلوچ ۽ مشتاق راجپوت 1478 ووٽ کڻي ڪاميابي ماڻي، جڏهن ته پ پ اميدوار فقير نبي بخش بلوچ ۽ دائود شاهه 1322 ووٽ کڻي سگهيا.
هالاڻي ٽائون ڪميٽي جي وارڊ نمبر هڪ تي پ پ ڪامياب ٿي وئي.
پ پ اميدوار خادم مهيسر 747 ووٽ کڻي ڪاميابي ماڻي ورتي، جڏهن ته جي يو آءِ اميدوار 186 ووٽ کڻي هارائي ويو.
ميرپور بٺورو جي يوسي شاهه محمد شاهه تي آزاد اميدوارن پ پ کي شڪست ڏئي ڇڏي، آزاد اميدوار منور زنئور ۽ سليمان ملاح 2467 ووٽ کڻي ڪاميابي ماڻي جڏهن ته پ پ اميدوار 2336 ووٽ کڻي هارائي ويا.
هوسڙي جي يوسي سچل 94 تي جنرل ڪائونسلر جي سيٽ تي پ پ اميدوار ڪامياب ٿي ويو .
پ پ اميدوار ذوالفقار شورو 558 ووٽ کڻي ڪامياب ٿي ويو ۽ آزاد اميدوار زرينا بلوچ 10 ووٽ کڻي هارائي وئي.
ٽنڊو ڄام جي يوسي 58 جي وارڊ نمبر 4 تي پ پ اميدوار ايوب جمالي 642 ووٽ کڻي ڪامياب ٿي ويو جڏهن ته آزاد اميدوار شمن جمالي478 ووٽ کڻي هارائي ويو
ٽنڊو الهيار ميونسپل ڪميٽي جي وارڊ 6 تي آزاد اميدوار ڪامياب ٿي ويو، آزاد اميدوار شهزاد شيخ 1114 ووٽ کڻي ڪاميابي ماڻي، جڏهن ته پ پ اميدوار صمد ميمڻ 711 ووٽ کڻي هارائي ويو.
اڏيرو لال جي يوسي محمد حسين هنڱورو 16تي ڊسٽرڪٽ ڪائونسل جي سيٽ تي پ پ اميدوار مخدوم احمد الزمان 4610 ووٽ کڻي ڪاميابي ماڻي، جڏهن ته آزاد اميدوار سعيد احمد جدگال 735ووٽ کڻي هارائي ويو…..