سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو آهي ته سنڌ حڪومت آٽزم ۽ خاص ٻارن جي حوالي سان ڪم ڪيو آهي، اسان قانون به ٺاهيو آهي ۽ ان تي عمل به ڪرائينداسين.
ڪراچي ۾ آٽزم سينٽر ۾ سيمينار کي خطاب ڪندي وڏي وزير مراد علي شاهه چيو ته خاص ٻارن جي قانون ۾ سموري آگاهي موجود آهي، نه رڳو خاص ٻارن جي حقن لاءِ قانونسازي ڪئي آهي پر ان جي ڀڃڪڙي تي سزا به مقرر ڪئي وئي آهي.
هن چيو ته آٽزم بابت سنڌ حڪومت جا 66 سينٽر خانگي سيڪٽرن سان گڏ ڪم ڪري رهيا آهن.
وڏي وزير چيو ته گلستان جوهر، ڪورنگي ۽ حيدرآباد ۾ به آٽزم سينٽرز قائم ڪيا آهن.
هن چيو ته آٽزم ۽ ٻين بيمارين ۾ مبتلا ٻارن کي محبت ۽ ڌيان جي وڌيڪ ضرورت آهي،
مراد علي شاهه چيو ته آٽزم ۽ ٻين بيمارين ۾ مبتلا ٻارڙن کي معاشري جو ڪارائتو حصو بڻائن لاءِ ماهرن جي رهنمائي جي ضرورت آهي، حڪومت ان ڪم لاءِ خانگي ادارن کي فنڊز فراهم ڪندي.
هن چيو ته جڏهن ڪنهن خاص ٻار کي ڪنهن ڪم ۾ لڳايو ويندو آهي ته ماڻهو ان ٻار کي عجيب نظرن سان ڏسندا آهن، اسان کي اهڙو ريو تبديل ڪرڻو پوندو.