صوبائي وزير ناصر شاهه چيو آهي ته سنڌ حڪومت ترقياتي منصوبن ۽ بچت بازارن ذريعي عوام کي رليف فراهم ڪري رهي آهي، عوام کي هر ممڪن رليف جي فراهمي پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري جو ويزن آهي.
ڪراچيءَ ۾ علي هائوس تي عوام سان ڳالهائيندي ناصر شاهه چيو ته اربين رپين جا جاري ترقياتي منصوبا عوام کي رليف جو وڏو ذريعو آهن، روڊن، پلن، انڊر پاسز ۽ فلاءِ اوور جي مڪمل ٿيڻ سان ماڻهن کي سفري سهولتن لاءِ سڪون جو سبب ٿينديون.
سندس چوڻ هو ته سڄي شهر ۾ ننڍن وڏن روڊن جي مرمت جو ڪم تيزي سان جاري آهي، عوام کي رليف ڏيڻ وارا سمورا قدم پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري ۽ وڏي وزير جي هدايتن تي کنيا پيا وڃن.
صوبائي وزير ناصر شاهه چيو ته بچت بازارن ذريعي سستيون شيون عوام کي فراهم ڪرڻ به پ پ چيئرمين جي هدايتن موجب آهي جڏهن ته حڪومت طرفان ناجائز منافعي خورن ۽ ذخيرو ڪندڙن خلاف ڪريڪ ڊائون جاري آهي.
هن چيو ته ذخيرو ڪندڙ ۽ ناجائز منافعي خور معاشري جو ناسور آهن، عوام کي لٽيندڙن کي سزائون، ڏنڊ ۽ ڪيس داخل ڪيا پيا وڃن.
صوبائي وزير ناصر شاهه چيو ته بچت بازارن تي ڪرڙي نظر رکڻ لاءِ وڏي وزير جي ڪابينا جي ٽيم متحرڪ آهي، سڄي سنڌ جي انتظاميا عوام کي سستيون شيون فراهم ڪرڻ کي يقيني بڻائڻ ۾ رڌل آهي.