سنڌ حڪومت خدشا ختم نه ٿيڻ جي صورت ۾ آدمشماري نتيجا رد ڪرڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو.
وڏي وزير مراد علي شاهه، وفاقي وزير احسن اقبال کي خط لکي خدشن بابت آگاهه ڪري ڇڏيو آهي.
وڏي وزير مراد علي شاهه جو چوڻ آهي ته سنڌ ۾ آخري گهر ۽ فرد جي ڳڻڻ تائين آدمشماري جاري رهڻ گهرجي.
هن چيو ته سنڌ جا خدشا ختم نه ٿيا ته آدمشماري نتيجا قبول نه ڪندا.
سندس چوڻ هو ته احسن اقبال جي صدارت هيٺ اجلاس ۾ تعلقن جي آبادي ۾ واڌ جي شرح هڪ خاص معيار کان وڌيڪ رڪارڊ ڪئي وئي آهي.
وڏي وزير مراد علي شاهه موقف اختيار ڪيو ته لاڳاپيل تعلقن ۽ ڳوٺن جي آبادي کي فريز ڪرڻ جي فيصلي تي سخت خدشا آهن.
هن چيو ته بئنچ مارڪنگ جو فيصلو حقيقت جي ابتڙ ۽ سراسر هوڏ جو نتيجو آهي.
وڏي وزير مراد علي شاهه چيو ته جيڪڏهن اهڙي قسم جي بئنڪ مارڪنگ عالمي طور تي لاڳو ٿي ها ته آدمشماري ڪرائڻ جي ضرورت ئي نه پوي ها.
هن چيو ته آبادي ۾ اضافي جو اندازو ان معيار جي بنياد تي آساني سان لڳائي سگهجي ٿو.
سندس چوڻ هو ته سنڌ سرڪار جي خدشن کي نظرانداز ڪيو پيو وڃي، جيڪڏهن خدشا ختم نه ٿيا ته آدمشماري جا نتيجا حڪومت ۽ سنڌ جي شهرين لاءِ قبولڻ جوڳا نه هوندا، نتيجن کي رد ڪيو ويندو.
وڏي وزير مراد علي شاهه چيو ته سنڌ جي سمورن ضلعن ۾ آدمشماري تنهن وقت تائين جاري رهڻ گهرجي جيستائين هر گهر ۽ هر فردم کي شمار نه ٿو ڪيو وڃي.