سنڌ حڪومت ڪراچي سميت سڄي صوبي ۾ ميٽرڪ جا امتحان 8 مئي تي وٺڻ جو اعلان ڪندي وفاق ۽ ڪي اليڪٽرڪ کان امتحاني سينٽرن ۾ لوڊشيڊنگ نه ڪرڻ جو مطالبو ڪري ڇڏيو، اسماعيل راهو جو چوڻ آهي ته سنڌ ۾ گرمي جو زور وڌڻ سبب شاگردن کي امتحان ڏيڻ ۾ ڏکيائيون پيش اينديون.
جاري ڪيل بيان ۾ صوبائي وزير اسماعيل راهو چيو ته سنڌ حڪومت ڪراچي سميت سڄي صوبي ۾ ميٽرڪ جا امتحان 8 مئي تي وٺڻ جو اعلان ڪيو آهي.
سندس چوڻ هو ته سنڌ ۾ گرمي جو زور وڌڻ سبب شاگردن کي امتحان ڏيڻ ۾ ڏکيائيون پيش اينديون، وفاق ۽ ڪي اليڪٽرڪ امتحانن دوران امتحاني سينٽرن ۾ لوڊشيڊنگ نه ڪري.
صوبائي وزير اسماعيل راهو چيو ته سنڌ سنڌ جي سمورن ڊويزنن ۾امتحان ٻن شفٽن ۾ ورتا ويندا، امتحانن جو شيڊول جاري ڪيو ويو آھي.
هن چيو ته ميٽرڪ جي امتحانن ۾ 7 لک کان وڌيڪ شاگرد ۽ شاگردياڻيون حصو وٺي رهيا آهن، ڪراچي، حيدرآباد، سکر، شهيد بينظيرآباد، لاڙڪاڻي ۽ ميرپورخاص ڊويزنن ۾ نائين ۽ ڏهين ڪلاس جا امتحان 8 مئي کان شروع ٿي رهيا آهن.
سندس چوڻ هو ته ڪراچي ۾ 400 امتحاني مرڪز ۽ حيدرآباد ۾ 25 امتحاني مرڪز حساس آهن.
صوبائي وزير اسماعيل راهو چيو ته امتحاني سينٽرن جا انچارج ڪلاس روم ۾ شاگردن کي ٿڌو پاڻي فراهم ڪرڻ جي سهولت فراهم ڪندا، ڪاپي ڪلچر روڪڻ لاءِ امتحاني مرڪزن جي اندر ۽ ٻاهر سڪيورٽي سخت ڪئي ويندي.
سندس چوڻ هو ته سمورن امتحاني مرڪزن لاءِ ويجيلنس ٽيمون جوڙي ڇڏيون آهن، امتحاني مرڪزن ۾ استادن ۽ شاگردن جي موبائل فون جي استعمال تي پابندي هوندي.
صوبائي وزير اسماعيل راھو چيو ته سمورن ڊويزنن ۾ امتحانن دوران امتحاني مرڪزن تي قلم 144 لاڳو ڪيو ويو آهي، ڪاپي ڪندي پڪڙجندڙ شاگردن کي فيل ڪيو ويندو.