سنڌ حڪومت هڪ ڀيرو ٻيهر مڪاني چونڊ عمل مڪمل ڪرڻ لاءِ اليڪشن ڪميشن کي خط لکي ڇڏيو آهي.
سنڌ حڪومت پاران لکيل خط ۾ چيو ويو آهي ته آئين جي آرٽيڪل 140 اي تي عمل ڪرڻ اليڪشن ڪميشن جي ذميواري آهي.
خط جي متن موجب ، سنڌ ۾ ميئر، ڊپٽي ميئر، چيئرمين ۽ وائيس چيئرمين جون چونڊون مڪمل ڪرايون وڃن.
سنڌ حڪومت، اليڪشن ڪميشن کان آئيني گهرجون پوريون ڪرڻ لاءِ مڪاني چونڊون مڪمل ڪرائڻ جو مطالبو ڪيو آهي.