صوبائي وزير ڄام اڪرام الله ڌاريجو چيو آهي ته سنڌ حڪومت ٻوڏ متاثرن جي هر ممڪن مدد ڪري رهي آهي، هو ٻوڏ متاثرن جي مدد ڪرڻ تي ترڪي حڪومت ۽ عوام جا ٿورائتا آهن.
ڪراچي جي ھڪ هوٽل ۾ ترڪي جي 30 رڪني واپاري وفد کي خطاب ڪندي ڄام اڪرام الله ڌاريجو چيو ته ترڪي ۽ پاڪستان جا ڀائراڻا لاڳاپا آهن، ٻنهي ملڪن وچ ۾ توانائي، آٽو موبائيل، تيل، گئس ۽ خوراڪ سميت ڪيترن ئي شعبن ۾ واپاري معاهدا ٿيل آهن.
سندس چوڻ هو ته پاڪستان خاص طور سنڌ سان واپار ۾ نوان لاڙا شامل ڪرڻ لاءِ خواهشمند آھن.
صوبائي وزير ڄام اڪرام الله ڌاريجي چيو ته ترڪي لاءِ سنڌ ۾ سيڙپڪاري جا ڪيترائي موقعا موجود آهن، سنڌ حڪومت ٻوڏ متاثرن جي مدد ڪرڻ تي ترڪي حڪومت ۽ عوامي جي ٿورائتي آهي.
ترڪي جي قونصل جنرل جمال ساگو چيو ته ٻنهي ملڪن وچ ۾ واپار جو ڪاٿو 5 کان 10 ارب ڊالرن تائين وڌائڻ جو هڪ رڪارڊ آهي.
سندس چوڻ هو ته ترڪي، پاڪستان کان يارنهن مهينن ۾ 400 ملين ڊالرن جون شيون گهرايون آهن، ٻنهي ملڪن جا ڀائراڻا لاڳاپا وقت سان گڏ وڌيڪ مضبوط ٿيندا پيا وڃن.
ترڪي جي قونصل جنرل چيو ته ترڪي جا دروازا پاڪستانين لاءِ هميشه کليل آهن.
ٽي ڊي پي جي چيف ايگزيڪيوٽو زبير موتي والا چيو هو ته آمريڪا ۽ يورپ ڏانهن ڏسڻ بدران ترڪي ۽ ڏکڻ آفريڪا سان واپاري لاڳاپا مضبوط ڪرڻ گهرجن.
سندس چوڻ هو ته ترڪي جي پاڪستان ۾ رڳو 2 ارب ڊالرن جي سيڙپڪاري تمام گهٽ آهي.
زبير موتي والا چيو ته ٽيڪسٽائيل جي شعبي ۾ سيڙپڪاري جا موقعا موجود آهن، 2022ع ۾ ترڪي جي 29 ڪمپنين جو حصو وٺڻ سٺو سنوڻ آهي، ترڪي ڪراچي جي انفراسٽرڪچر کي بهتر بڻائڻ مدد ڪري ۽ هتي صنعتي زون قائم ڪري.