- Advertisement -
سنڌ حڪومت پاران ڪراچي جي مختلف علائقن ملير، ڪياماڙي، لياري ۽ اولھھ ۾ پيپلز بس سروس جا نوان روٽس شروع ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي.
سنڌ جي سينئر وزير شرجيل انعام ميمڻ جي صدارت ھيٺ پيپلز پارٽي ڪراچي جي ايم پي ايز ۽ ايم اين ايز ۽ سنڌ ماس ٽرانزٽ اٿارٽي ۽ پيپلز بس سروس جي اختيارين جو ھڪ اھم اجلاس ٿيو.
اجلاس ۾ ايم اين ايز قادر پٽيل، آغا رفيع الله، ڊپٽي ميئر سلمان مراد، ايم پي ايز سليم بلوچ، يوسف بلوچ، يوسف مرتضيٰ بلوچ، راجا رزاق، لياقت آسڪاڻي، آصف خان، شازيھ سنگھار ، سنڌ ماس ٽرانزٽ اٿارٽي جي ايم ڊي ڪمال دايو، پيپلز بس سروس جي پروجيڪٽ ڊائريڪٽر صھيب شفيق، آپريشنل مئنيجر عبدالشڪور ۽ ٻين شرڪت ڪئي.
اجلاس ۾ ڪراچي جي علائقي ملير، ڪياماڙي، لياري ۽ اولھھ ۾ پيپلز بس سروس جا نوان روٽس شروع ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو.
اجلاس ۾ لياري کان ملير نئون روٽ شروع ڪرڻ ۽ لياري ۾ چاڪيواڙا اسٽاپ تائين پيپلز بس ھلائڻ جي تجويز بھ ڏني وئي.
اجلاس ۾ ضياالدين اسپتال کان چاڪيواڙا چوڪ وايا بلاول چورنگي، 26 اسٽريٽ، گزري لين، سي ايم ھائوس، سلطان آباد، ماڙيپور روٽ جي توسيع جو فيصلو ڪيو ويو.
اجلاس ۾ سومر کان ھاڪس بي کان صدر ۽ منگھوپير کان بنارس سروي کانپوءِ نون روٽس لاءِ ٽيسٽ بس سروس شروع ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو .
اجلاس ۾ ملير کان لياري ۽ ملير ڪي ڊي اي موڙ غريب آباد کان يوسف ڳوٺ بلديا ٽائون تائين پنڪ بس سروس ھلائڻ جي تجويز بھ ڏني وئي.
ان موقعي تي شرجيل انعام ميمڻ چيو تھ سنڌ سرڪار ڪراچي جي روشن ۽ بھترين مستقبل لاءِ مسلسل لگن سان ڪم ڪري رھي آھي، پيپلز بس سروس جي توسيع پبلڪ ٽرانسپورٽ کي بھتر بڻائڻ ڏانھن اھم قدم آھي.
ھن چيو تھ عوام کي رسائي جوڳي، اثرائتي ۽ سستي ٽرانسپورٽ جي فراھمي جو مقصد ٽريفڪ جي ھجوم کي گھٽائڻ ۽ عوامي چرپر لاءِ ڀروسي جوڳو حل پيش ڪرڻ آھي.- Advertisement -
