سنڌ سرڪار اڳوڻي آمريڪي سفارتڪار زلمي خليل زاد جي بيان کي ملڪي معاملن ۾ مداخلت قرار ڏئي ڇڏيو، شرجيل ميمڻ ۽ سعيد غني جو چوڻ آهي ته هڪ آمريڪي لابي عمران خان جي حمايت ۾ بيان ڏئي رهي آهي، عمران خان ۽ زلمي خليل زاد ٻنهي تي ڪرپشن جا الزام آهن، سنڌ جي ججن کي سپريم ڪورٽ ۾ شامل ڇو نه ڪيو پيو وڃي، سپريم ڪورٽ جي مخصوص ججن ۾ واضح فرق آهي، ملڪي ۾ عملي طور جڊيشل مارشل لا جهڙيون حالتون آهن، اليڪشن ڪميشن ڪنهن اداري جي ماتحت ناهي.
ڪراچي ۾ صوبائي وزير سعيد غني ۽ سلمان عبدالله مراد سان گڏ پريس ڪانفرنس ڪندي صوبائي وزير شرجيل ميمڻ چيو ته آدمشماريءَ بابت خدشن تي هو وفاقي سرڪار سان رابطي ۾ آهن، وفاقي حڪومت خدشا ختم ڪرڻ جي خاطري ڪرائي آهي.
هن چيو ته عيد دوران ماڻهن پنهنجن اباڻن علائقن ڏانهن ويندا آهن، واڌو ڪرايو وٺندڙ ٽرانسپورٽرن خلاف ايف آءِ آر داخل ٿيندي.
شرجيل ميمڻ چيو ته هڪ آمريڪي لابي عمران خان جي حمايت ۾ بيان ڏئي رهي آهي، عمران خان ۽ زلمي خليل زاد ٻنهي تي ڪرپشن جا الزام آهن.
صوبائي وزير چيو ته پاڪستان جي معاملن ۽ سياست ۾ مداخلت جو زلمي خليل زاد کي ڪنهن حق ڏنو آهي، اها سڌي سنئين مداخلت آهي.
شرجيل ميمڻ چيو ته ڪڻڪ جي خريداري جو عمل جاري آهي، پوري ڪوشش آهي ته ٽارگيٽ پورو ڪيو وڃي، ضلعي سطح تي قدم کنيا ويا آهن ته جيئن ڪڻڪ ٻاهر نه وڃي.
ان موقعي تي سعيد غني چيو ته علي زيدي تي ڪيس حڪومت نه پر ڪنهن خانگي ڪمپني ڪيو آهي.
هن چيو ته آئين ۾ هر اداري کي پنهنجي دائري ۾رهي ڪم ڪرڻ جو حڪم مليل آهي، اليڪشن ڪميشن سپريم ڪورٽ جي ماتحت ناهي، جڊيشري جو آئين ۾ ڪردار ڌار ۽ اليڪشن ڪميشن جو الڳ آهي.
سعيد غني چيو ته سپريم ڪورٽ آئين جو هڪ نقطو پاڻ نه ٿي ٺاهي سگهي، اسٽيٽ بئنڪ خودمختيار ادارو آهي، ان کي سڌيءَ ريت پيسا جاري ڪرڻ جو حڪم ڏنو پيو وڃي.