سنڌ سرڪار عيدالفطر کانپوءِ ٻئي مرحلي ۾ 25 ايڪڙ زمين وارن آبادگارن کي ڪڻڪ جي ٻج جي سبسڊي رقم ڏيڻ جو فيصلو ڪيو آهي.
صوبائي صلاحڪار منظور وساڻ جو چوڻ آهي ته ساڍا 12 ايڪڙ وارن آبادگارن کي ڪڻڪ جي ٻج جي سبسڊي رقم جو سلسلو 24 ضلعن ۾ جاري آھي.
سندس چوڻ هو ته سنڌ ۾ ھن وقت تائين هڪ لک 41 ھزار 518 آبادگارن کي 3 ارب 32 ڪروڙ 68 لک 71 ھزار 506 رپيا ڏنا ويا آهن.
صوبائي صلاحڪار منظور وساڻ چيو ته عيدالفطر کانپوءِ ٻئي مرحلي ۾ 25 ايڪڙ تائين زمين وارن آبادگارن کي رقم ڏيڻ جي شروعات ڪئي ويندي.
منظور وساڻ جو چوڻ هو ته پھرئين مرحلي ۾ رھجي ويل تصديق ٿيل آبادگارن کي به ٻئي مرحلي وارن سان گڏ سبسڊي رقم ڏني ويندي.