سنڌ سرڪار جي ترجمان مرتضيٰ وهاب چيو آهي ته سنڌ سرڪار عوام کي ڀرپور رليف ڏئي رهي آهي، غريب ماڻهن کي سستي اگهه تي اٽو فراهم ڪيو پيو وڃي، 16 لک کان وڌيڪ ماڻهن کي پئسا جاري ڪيا ويا آهن، ڪنهن به اداري کي ٻئي جي معاملي ۾ مداخلت نه ڪرڻ گهرجي، چونڊن جو شيڊيول جاري ڪرڻ اليڪشن ڪميشن جو اختيار آهي.
ڪراچي ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي مرتضيٰ وهاب چيو ته ڇا فواد چوڌري سپريم ڪورٽ جو ترجمان آهي جو وزيراعظم کي فارغ ڪرڻ جي ڳالهه ڪري ٿو؟
ڪراچي ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي مفرضيٰ وهاب چيو ته پ پ سادائين پارليامينٽ ۾ پوزيشن ورتي آهي، اصل آبادي نه ڳڻي وئي ته ٻيهر آدمشماري تڪراري ٿي ويندي.
هن چيو ته انگن اکرن جي ڪاپي سنڌ کي نه ملي ته معاملن تڪراري ٿيندو، وفاقي سرڪار هڪ ڪاپي سنڌ حڪومت کي ڏي ته جيئن غلط فهمي جو خاتمو ٿئي.
مرتضيٰ وهاب چيو ته مفت اٽو ورهائڻ دوران ماڻهو نقصان ڪن ٿا، ناڪاري شيون ڏيکاريون پيون وڃن، ان ڪري سنڌ سرڪار اٽي لاءِ شهرين کي بينظير انڪم سپورٽ پروگرام ذريعي سبسڊي فراهم ڪري رهي آهي.
سنڌ حڪومت جي ترجمان چيو ته ڪا به تصوير ڪڍڻ کانسواءِ هيل تائين 7 ڏهائي 6 ارب رپيا ورهايا ويا آهن، 78 لک خاندانن جي ڊيٽا موجود آهي.