تازه ترين
ڪراچيءَ جو ميئر مرتضيٰ وهاب ريسڪيو آپريشن جي نگراني لاءِ گل پلازه پهتو يورپي ملڪن گرينڊ لينڊ تي قبضي واري معاملي تي آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي ٽيرف لاڳو ڪرڻ جي ڌمڪين کي رد ڪ... مراڪش جي بادشاهه غزه امن بورڊ جو باني ميمبر بڻجڻ لاءِ ٽرمپ جي دعوت قبول ڪري ورتي سنڌ پوليس ۽ رينجرز ڪشمور ۽ گهوٽڪي ضلعي جي گڏيل ڪچي واري علائقي ۾ ٽارگيٽڊ آپريشن دوران پنجاب واسي 5 ڄ... سنڌ حڪومت گل پلازه جي تباهه ٿيل عمارت ٻيهر ٺهرائڻ جو اعلان ڪندي متاثرن جي بحالي لاءِ ڪميٽي قائم ڪري ... تحريڪ انصاف چيئرمين بئريسٽر گوهر جوڊيشل ڪميشن اجلاس ۾ شرڪت پي ٽي آءِ باني ملاقات سان مشروط ڪري ڇڏي جسقم چيئرمين صنعان قريشي تي ڪيس داخل ڪرڻ خلاف 21جنوري تي احتجاج جو سڏ ڪيٽي بندر ويجهو سمنڊ ۾ ٻڏيل ويل نوجوان واحد بخش گبول جي ڇهين ڏينهن به ڳولا جاري آهي قومي اسيمبلي جو اجلاس اڄ شام 5 وڳي ٿيندو، 16 نڪاتي ايجنڊا جاري گل پلازه ۾ لڳل خوفناڪ باهه 14 حياتيون ڳڙڪائي وسامي وئي، 35 ڄڻا زخمي، 73 ماڻهو اڃا تائين گم

سنڌ سرڪار ٽرانسپورٽرن کي پيش ايندڙ مسئلن کي سمجهي ٿي ۽ هو ٽرانسپورٽرن سان گڏجي مسئلن جي حل لاءِ پرعزم آهن : شرجيل انعام ميمڻ

- Advertisement -
سنڌ جي سينيئر وزير شرجيل انعام ميمڻ جي قيادت ۾ مختلف ايسوسي ايشن جي ٽرانسپورٽرن جي وفد صوبائي گهرو وزير ضياءَ الحسن لنجار ۽ ايڪسائيز واري صوبائي وزير مڪيش ڪمار چاولا سان ملاقات ڪئي، جنهن دوران شهر ۾ ٽرانسپورٽ جي شعبي کي پيش ايندڙ مسئلن جي حل بابت خيالن جي ڏي وٺ ٿي. ملاقات ۾ سيڪريٽري ايڪسائيز محمد سليم راجپوت، سيڪريٽري ٽرانسپورٽ اسد، ڪمشنر ڪراچي حسن نقوي، سي سي پي او ڪراچي جاويد عالم اوڍو، ڊي آءِ جي ٽريفڪ ۽ ٻين شرڪت ڪئي. ٽرانسپورٽرن جي وفد ۾ لياقت محسود، طارق گجر، ملڪ ياسين نيازي، حاجي طور خان، سردار سلامت ۽ ٻيا اجلاس ۾ شريڪ ٿيا. ملاقات ۾ ڪراچي گڊز ڪيريئرز ايسوسي ايشن، ڊمپر ايسوسي ايشن، سنڌ گڊز ٽرڪ ٽرالر اونرز ايسوسي ايشن ۽ واٽر ٽينڪر ايسوسي ايشن جي اڳواڻن شرڪت ڪئي. ٽرانسپورٽرن شهر ۾ داخلا جي مخصوص وقت تي پابندي بابت پريشاني کان آگاهه ڪيو. سنڌ جي سينيئر وزير شرجيل انعام ميمڻ شرڪت ڪندڙن کي حڪومت طرفان هڪ ڪلاڪ اضافي وقت ڏيڻ جي فيصلي کان آگاهي ڏني. سنڌ جي سينيئر وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو ته هاڻي وڏيون گاڏيون رات 10 وڳي کان صبح 6 وڳي تائين شهر ۾ داخل ٿي سگهنديون، سنڌ سرڪار ٽرانسپورٽرن کي پيش ايندڙ مسئلن کي سمجهي ٿي ۽ هو ٽرانسپورٽرن سان گڏجي مسئلن جي حل لاءِ پرعزم آهن. سندس چوڻ هو ته ڳري ٽرانسپورٽ لاءِ رجسٽريشن ۽ فٽنس سرٽيفڪيٽ حاصل ڪرڻ لازمي آهي. سنڌ جي سينيئر وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو ته اهو ضروري آهي ته سمورا ٽرانسپورٽر، ٻين صوبن کان ايندڙ گاڏيون، پنهنجي گاڏين کي سنڌ ۾ رجسٽرڊ ڪرائن ۽ فٽنس سرٽيفڪيٽ حاصل ڪن. صوبائي گهرو وزير ضياءَ الحسن لنجار جو چوڻ آهي ته ٽرانسپورٽر اهڙن قدمن کان پاسو ڪن جيڪي ٽريفڪ ۾ رنڊڪ وجهن، عوامي پريشاني جو سبب بڻجندڙ ڪنهن به قسم کي سختي سان منهن ڏنو ويندو. هن چيو ته ڪراچي شهر جي بهتري لاءِ سڀني کي گڏجي ڪم ڪرڻو پوندو، ٽريفڪ کي روڪڻ جهڙن عوامي زندگي متاثر ڪندڙ ڪنهن به قدم کي برداشت نه ڪيو ويندو. صوبائي گهرو وزير ضياءَ الحسن لنجار چيو ته هو سمورن ٽرانسپورٽرن کي درخواست ڪن ٿا ته هو مسئلن کي سياسي رنگ ڏيڻ کان پاسو ڪن، ڇو ته مسئلن جو سياست سان ڪوبه تعلق ناهي. ٽرانسپورٽر اڳواڻن حڪومت طرفان سندن مسئلن جي حل لاءِ ڪوششن جي ساراهه ڪئي. ٽرانسپورٽرن چيو ته هو اميد ڪن ٿا ته داخلا جي وقت ۾ اضافي سان سندن لاجسٽڪ چئلينجن ۾ گهٽتائي ايندي. ٽرانسپورٽرن گاڏين جي رجسٽريشن ۽ فٽنس سرٽيفڪيٽ حاصل ڪرڻ جي خاطري ڪرائي ڇڏي. ٽرانسپورٽرن حڪومت سان گڏجي مسئلا حل ڪرڻ تي اتفاق ڪيو……..
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
9.4 ° C
9.4 °
9.4 °
40 %
2.8kmh
0 %
آچر
19 °
سُومر
16 °
اڱارو
16 °
اربع
17 °
خميس
18 °

تازه ترين خبرون