سنڌ سميت سڄي ملڪ ۾ اڄ حضرت علي ڪرم الله وجهه جي شهادت جو ڏهاڙو عقيدت ۽ احترام سان ملهايو پيو وڃي.
ڪراچي، لاهور، اسلام آباد، ڪوئيٽا، پشاور سميت چئني صوبن جي وڏن توڙي ننڍن شهرن ۾ ماتمي جلوس برآمد ڪري مجلسون برپا ڪيون پيون وڃن.
حضرت علي جي شهادت واري ڏهاڙي جي موقعي تي سنڌ سميت سڄي ملڪ ۾ سيڪيورٽي جا فول پروف انتظام ڪيا ويا آهن.
جلوسن ۽ مجلسن ۾ شرڪت ڪندڙن کي رڳو واڪ ٿرو گيٽس ذريعي داخل ٿيڻ جي اجازت هوندي، رستن تي ڪلوز سرڪٽ ڪيمرائون لڳايون ويون آهن.
حضرت علي رضه جو شهادت جي ڏهاڙي جي موقعي تي سنڌ جا سمورا تعليمي ادارا بند رهندا.
سنڌ جي مختلف شهرن ڪراچي، حيدرآباد، نوابشاهه، سکر، شڪارپور، نوشهري فيروز، لاڙڪاڻو، بدين، سانگهڙ، ٺٽو، دادو، جوهي، ڄام نواز علي، مٽياري، روهڙي، ڊکڻ، تلھار، ٽنڊو آدم، کهڙا، مدئجي، ڀرياروڊ، ڀرياسٽي، ڪنڊيارو، باڊھه، قمبر ۾ ماتمي جلوس برآمد ڪري مجلس عزا برپا ڪيون پيون وڃن.
ڪراچي ۾ مک ماتمي جلوس نشتر پارڪ کان برآمد ٿيندو حسينيه ايرانيان امام بارگاهه کھارادر تي وڃي نهر ٿيندو.